ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ حاڪم ڏيپر ۾ قتل ٿيل مير اسفنديار ڏيپر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس گهر ڀاتين پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مقتول جي والده رضيه بيگم ۽ 6 سالن جي نياڻي ايمن فاطمه چيو ته 5 جنوري تي بااثر ڪائونسلر احمد خان عرف پپو ڏيپر معمولي ڳالهه تان اسفنديار ڏيپر کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، پوليس 6 جنوري تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ باوجود جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو، هنن چيو ته اسفنديار جي قتل ۾ ملوث احمد خان عرف پپو کي گرفتار ڪري انصاف ڏنو وڃي.