ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ پرڳڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ 138 ڊبل ڪيبن گاڏين جي خريداري خلاف جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل جواد ڏيرو ۽ ايم پي اي محمد فاروق پيش ٿيا، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان گاڏين جي خريداري مان ڪيئن متاثر ٿيا آهيو” جنهن تي وڪيل چيو ته درخواستگذار ايم پي اي آهي، هن سنڌ اسيمبلي ۾ به گاڏين جي خريداري جي مخالفت ڪئي هئي، انهي باوجود سرڪار گاڏين جي خريداري جي منظوري ڏني آهي، عدالت وڪيل کان پڇيو ته هي معاملو اسيمبلي ۾ ڪيئن وڃي سگهي ٿو؟ هتي داخل درخواست ۾ ڪو به بل يا ايڪٽ نظر نٿو اچي، جنهن وڪيل چيو ته درخواستگذار گاڏين جي خريداري خلاف قرارداد جمع ڪرائي هئي، ڊبل ڪيبن گاڏين جي خريداري سان هڪ شهري طور متاثر ٿيندو، جنهن تي عدالت پڇيو ته توهان ڪيئن متاثر ٿي سگهو ٿا؟ جنهن تي درخواستگذار چيو ته گاڏين جي خريداري تي پئسا سنڌ حڪومت خرچ ڪندي، لگزي گاڏين بدران 1000 سي سي گاڏيون خريد ڪرڻ گهرجن، جنهن تي عدالت چيو ته ڇا توهان کي گاڏين جي سي سي جو مسئلو آهي؟ ٻڌايو ته گاڏين جي خريداري ۾ ڪهڙن قاعدن ۽ پاليسين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق جو چوڻ هو ته اسان جا بنيادي حق متاثر ٿين ٿا، عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان جا ڪهڙا حق متاثر ٿيا؟ ڪهڙي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، درخواستگذار چيو ته مون کي وقت ڏيو، آئون ضابطن ۽ پاليسي جي خلاف ورزي بابت تفصيل ڏيندس، عدالت چيو ته ڪيس اڳ ۾ ئي التوا ۾ هجڻ ڪري وڌيڪ وقت نٿو ڏئي سگهجي، ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عوامي مفادن کي سياسي مفاد نه بڻايو وڃي. ڊبل ڪيبن گاڏيون لگزري نه پر ضرورت جون شيون آهن، اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ گاڏين جي خريداري غير ضروري ناهي، نه ئي گاڏين لاءِ فنڊ غلط استعمال ٿي رهيا آهن، اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ سوزوڪي ڪلٽس گاڏين جي آخري خريداري 2010ع ۽ 2012ع ۾ ٿي هئي، جيڪي هاڻ ناڪاره ٿي ويون آهن.