حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اسريٰ يونيورسٽي ۽ اسريٰ اسپتال ۾ قاضي برادران ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري ۾ ڇڪتاڻ واري معاملي بابت اسريٰ يونيورسٽي جي چانسلر قاضي حميد الله، وائيس چانسلر قاضي ولي الله ۽ باني ميمبر حاجي غلام قادر قاضي اسريٰ وليج ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري پاران قاضي برادران تي لڳايل الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته سندن ادارن خلاف پروپئگنڊا ڪري ساک کي نقصان پهچايو پيو وڃي. هنن چيو ته جون 2020ع تي ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري 60 هٿياربند ماڻهن جي مدد سان اسريٰ فائونڊيشن اسڪول ۽ هائوسنگ سوسائٽي تي قبضو ڪري کين بليڪ ميل ڪيو ته کيس 24 جون تي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو وڃي ۽ هن قبضو ڪندڙ ماڻهن جي پگهارن جي مد ۾ ڊاڪٽر غلام قادر قاضي کان 63 لک رپيا مبينا طور ڀتو به طلب ڪيو هو. قاضي برادران پريس ڪانفرنس دوران چيو ته انهن کي ڄاڻايل ادارا ٺاهيندي 23 سال گذري ويا آهن، ڪڏهن به انهن تي ڪرپشن جا الزام نه لڳا آهن ڇاڪاڻ ته هو هر سال ادارن جي آڊٽ ڪرائيندا رهن ٿا جنهن جا ثبوت وٽن موجود آهن پر 2017ع کان ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري مٿن چئن سالن تائين لاڳيتو الزام هڻي ساک کي نقصان پهچائي سندن ڪردار ڪشي ڪئي آهي. نذير اشرف پنهنجي پٽن بشير احمد لغاري ۽ زيد احمد لغاري کي اسريٰ اسلامڪ فائونڊيشن جو ڊائريڪٽر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن هو اسريٰ اسلامڪ فائونڊيشن ۽ اسريٰ يونيورسٽي تي پوري طرح قبضو ڪري سگهي. اسريٰ اسلامڪ فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر سندس مطالبو پورو ڪرڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته سندس پٽ ڄاڻايل نوڪري لاءِ اهل نه آهن ڇاڪاڻ ته وٽن ايتري تعليم نه آهي ۽ نه ئي وري کين ايترو تجربو آهي جنهن بعد هن اسريٰ يونيورسٽي جي فنڊن جيڪي خيراتي ڪمن لاءِ استعمال ٿيڻا هئا اهي روڪي ڇڏيا. رڪيل فنڊن ۾ اڍائي سئو ملين رپيا شامل هئا جيڪي 2019ع ۾ بورڊ آف گورنرس منظور ڪيا. ان سان گڏ 300 ملين رپيا سال 2020ع ۽ 2021ع جا به شامل هئا. ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري کين بدنام ڪرڻ لاءِ ساڍا 500 ملين کي ڀتي جو نالو ڏنو. ان وقت کيس ڊاڪٽر اسد الله قاضي جي سپورٽ حاصل هئي جيڪو خود به پنهنجي هڪ پٽ کي اسريٰ اسلامڪ فائونڊيشن جو ڊائريڪٽر بڻائڻ جي خواهش رکندڙ هو. ڊاڪٽر اسد الله قاضي سيپٽمبر 2020ع ۾ سول ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪيس داخل ڪيو. عدالت 17 آڪٽوبر 2020ع تي ڪيس کي ان بنياد تي خارج ڪري ڇڏيو ته اسريٰ اسلامڪ فائونڊيشن کي ڊاڪٽر اسد الله قاضي کي چانسلر جي عهدي تان هٽائڻ جو پورو اختيار حاصل آهي. 18 آڪٽوبر 2020ع تي اسريٰ اسلامڪ فائونڊيشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز متفقه طور تي ڊاڪٽر اسد الله قاضي کي بطور چانسلر هٽائي پروفيسر ڊاڪٽر حميد الله قاضي کي چانسلر مقرر ڪيو. ڊاڪٽر حميد الله قاضي 19 آڪٽوبر 2020ع تي اسريٰ يونيورسٽي جي چانسلر طور عهدو قبول ڪيو. اهڙي فيصلي خلاف 20 آڪٽوبر تي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي پر اهو فيصلو به پروفيسر ڊاڪٽر حميد الله قاضي جي حق ۾ آيو. ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري ڊاڪٽر اسد الله قاضي تي دٻاءُ وجهي پنهنجي پگهار ۾ ٽيڻ تي اضافو ڪرائي 13 ملين رپيا رڳو پنهنجي آفيس ۽ گهر تي خرچ ڪيا. هنن اها به وضاحت ڪئي ته ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري جي قبضي کانپوءِ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي فيسن جا پئسا ۽ اسپتال ۾ ملندڙ مريضن واري رقم سندن اڪائونٽ ۾ جمع نه ڪرائي وئي آهي جنهن ڪري ملازمن جون پگهارون به رهجي ويون آهن. هنن ساڃاهه وندن کي اپيل ڪئي ته مريضن لاءِ بهترين اسپتال ۽ شاگردن لاءِ سٺو ۽ معياري تعليمي ادارو تباهه ڪندڙ سازشي ٽولي خلاف ڪارروائي لاءِ ساڻن سهڪار ڪيو وڃي. گڏوگڏ لاڳاپيل ادارا معاملي جي شفاف نموني جاچ ڪن.