حيدرآباد(بيورورپورٽ) اسريٰ يونيورسٽي جي چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر غلام قادر قاضي، پروفيسر حميد الله قاضي ۽ پروفيسر ولي الله قاضي سان گڏجي پريس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري ۽ ٻين پاران داخل اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن مقامي انتظاميا کي پابند بڻايو ويو آهي ته هو عدالتي فيصلي تي عمل کي يقيني بڻائي. هنن چيو ته اسريٰ يونيورسٽي جو چانسلر ڊاڪٽر غلام قادر قاضي ۽ ايڪٽنگ رجسٽرار غلام رسول قاضي آهن پر اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر نظير اشرف لغاري ۽ سندس حامي ٻين ماڻهن جا نالا ظاهر ڪري اهو ڄاڻائي رهيا آهن ته يونيورسٽي جا چانسلر ۽ ايڪٽنگ رجسٽرار اهي آهن پر سندن ڳالهين ۾ ڪا به صداقت نه آهي ڇاڪاڻ ته چانسلر جي مقرري اسريٰ فائونڊيشن کي ڪرڻي هجي ٿي ۽ آئين موجب اها مقرري اڳ ۾ ئي ٿيل آهي. هنن چيو ته ڊاڪٽر نظير اشرف لغاري کي پاڻمرادو عهدو ڇڏي ڏيڻ گهرجي پر هو پنهنجي بااثر ٽولي سان گڏجي يونيورسٽي جي انتظامي معاملن تي قابض آهي جنهن ڪري يونيورسٽي 3 سالن کان بحران جو شڪار رهندي پئي اچي. هنن اهو به چيو ته اڳوڻي وائيس چانسلر نظير اشرف لغاري شاگرد ۽ شاگردياڻين کان في جي مد ۽ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کان علاج واري رقم اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ بدران سڌي ريت وصول ڪئي آهي جنهن ڪري کانئس خرد برد جو به حساب ورتو وڃي. هنن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي جي رينجرز، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊويزنل ڪمشنر ۽ ڊي سي کان مطالبو ڪيو ته هو عدالتي حڪم تي عمل ڪرائين ته جيئن يونيورسٽي کي بحران مان ڪڍي سگهجي.