ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسريٰ يونيورسٽي ۾ 4 مهينن اندر نئون وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي موجوده وائيس چانسلر ۽ اسريٰ يونيورسٽي جي رجسٽرار جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون، عدالت 15 آگسٽ 2023ع تي سنگل بينچ پاران جاري ٿيل فيصلي کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، واضح رهي ته سنگل بينچ ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري کي وائيس چانسلر طور ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، مادرعلمي جي موجوده وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار سنگل بينچ جي حڪم نامي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون ھيون، سنڌ ھاء ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ حڪم ڏنو ته چئن مهينن اندر نئون وائيس چانسلر مقرر ڪيو وڃي، عدالت هدايت ڪئي ته وائيس چانسلر جي غير موجودگيءَ جي صورت ۾ متبادل انتظام ڪيا وڃن، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته نذير اشرف لغاري جو ٽن سالن جو مدو 23 جون 2023ع تي ختم ٿي ويو آھي، نذير اشرف پاڻ تسليم ڪيو آھي ته کيس ٽن سالن لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، درخواست گذار ايندڙ وائيس چانسلر جي مقرري تائين فرض سرانجام ڏيڻ جي درخواست ڪئي آھي،جڏهن ته يونيورسٽي ايڪٽ موجب وائيس چانسلر جي غير موجودگي ۾ چانسلر کي اختيار آهي ته هو متبادل انتظام ڪري. مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ وائيس چانسلر پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي نٿو سگهي.