اسرائيل_ حماس جنگ ۽ جنم وٺندڙ انساني الميو

0
36
اسرائيل_ حماس جنگ ۽ جنم وٺندڙ انساني الميو

اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ ھلندڙ جنگ ھاڻي چوٿين مھيني ۾ داخل ٿي وئي آھي پر ايترا ڏينھن غزا جي 45 ڪلوميٽر ڊگھي ۽ 6 ڪلوميٽر ويڪري 21 لک ماڻھن جي رھڻ واري جگھ جيڪا گڏيل قومن طرفان دنيا جي وڏي ۾ وڏي کليل جيل قرار ڏيڻ جي باوجود بہ اسرائيلي فوج جنگ شروع ڪرڻ کان اول جيڪي پنھنجا مقصد طئي ڪيا ھئا انھن مان ڪنھن بہ ھڪ مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي. جنھن ۾ پھريون مقصد غزا جي اندر پنھنجي حقن ۽ اسرائيل جي قبضي ھيٺ ايندڙ زمين جي واپسي لاءِ گوريلا ويڙھاڪ تنظيم حماس کي غزا جي پٽي مان مڪمل طور ختم ڪرڻ ۽ ان جي غزا ۾ موجود اعليٰ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول جي سسٽم کي ناڪارا ڪرڻ آھي ۽ ٻيو اھم مقصد 7 آڪٽوبر واري ڏينھن حماس طرفان اسرائيل تي ڪيل حملي کان پو سيڪيورٽي اھلڪارن سميت تقريبن 250 ماڻھن کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ غزا ۾ کڻي ويا ھئا، جنھن مان 150 تائين ٻارن، عورتن ۽ عمر رسيده ماڻھن کي قطري حڪومت جي ثالثي تحت آزاد ڪيا ھئا. جڏھن تہ ھڪ سئو جي لڳ ڀڳ فوجي اھلڪار ۽ عام ماڻھو اڃان بہ حماس جي قبضي ھيٺ آھن. اسرائيل طرفان غزا تي چڙھائي دوران اھو ٻيو اھم مقصد ھو تہ پنھنجا شھري حماس جي چنبي مان آزاد ڪرائينداسين. مگر پوري غزا تي قبضي ڪرڻ جي باوجود ھڪ بہ پنھنجو شھري آزاد نہ ڪرائي سگھيا آھن. جنھن جي ڪري اسرائيل جي اندر ان جي فوجي صلاحيت تي ڪيترائي سوال اڀري رھيا آھن. ٽيون مقصد حماس کي غزا مان مڪمل طور ختم ڪرڻ کان پو اتي اولھندي ڪناري واري حڪومتي طرز تي ڪنٽرول ڪرڻ آھي. جتي حڪومت تہ فلسطين جي آھي پر پوري سيڪيورٽي اسرائيل جي حوالي ٿيل آھي. 1949 ۾ اسرائيل جي وجود ۾ اچڻ کان پو ھي پھريون ڀيرو آھي جو اسرائيل فوج مڪمل طور بي وسي محسوس ٿي رھي آھي. جنھن سان پوري خطي اندر اسرائيل فوج جو رعب ۽ تاب تي پڻ سواليہ نشان لڳي ويا آھن. اسرائيل جيڪا ھڪ ننڍڙي 20 ھزار ويڙھاڪن تي مشتمل حماس تنظيم کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي، ان ماضي ۾ جڏھن بہ عرب ملڪن سان جنگ ڪئي آھي تہ انھن تي تمام ڳري ثابت ٿي آھي ۽ ھر ڀيري جنگ کان پوءِ عرب ملڪن پنھنجي زمين ڏئي ملڪ جي سالميت جي خيرات گھري آھي. ھن وقت تائين اسرائيل ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ 6 دفعا جنگ وڙھي وئي آھي. سواءِ 2006 جي اسرائيل ۽ لبنان جنگ جي باقي سڀني جنگين ۾ اسرائيل حاوي رھيو آھي. 2006 ۾ اسرائيلي فوج حزب اللہ سان ٻن مھينن جي شديد لڙائي کان پوءِ پنھنجو نقصان ڪرڻ کان جنگ بندي ڪري واپس موٽي آئي ھئي. ان جنگ دوارن بہ اسرائيل پنھنجا فوجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رھيو.

7 آڪٽوبر کان پوءِ اسرائيل جي شديد بمباري ۽ فوج جي جديد ترين ھٿيارن جي مدد سان غزا اندر چڙھائي جي نتيجي ۾ ھن وقت تائين 25 ھزار ماڻھو موت جو کاج بڻجي چڪا آھن، جنھن ۾ 8 ھزار رڳو معصوم ٻار ھئا. جڏھن تہ 40 ھزار کان مٿي ماڻھو زخمي ٿيا آھن. ٽن مھينن جي شديد بمباري جي ڪري ھن وقت غزا ۾ 40 سيڪڙو عمارتون مٽي جو ڍير بڻجي چڪيون آھن، جڏھن تہ 20 سيڪڙو عمارتون ھاڻي رھڻ جي قابل نہ رھيون آھن. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ اسرائيل طرفان غزا جو مڪمل طور گھيرو ٿيل آھي، جنھن جي ڪري اتي تمام گھٽ تعداد ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون فراھم ڪيون پيون وڃن. جڏھن تہ اسرائيل جي شديد بمباري جي ڪري غزا جي اندر ٽن وڏن اسپتالن مان ٻن جي مٿان بمباري ڪري ان کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو، جنھن جي ڪري انتھائي شديد انساني الميو پيدا ٿي چڪو آھي.

ھن پوري صورتحال ۾ آمريڪا جيڪو پاڻ کي پوري دنيا اندر انساني حقن جي پاڻ کي چيمپيئن سمجھندو آھي، پوري طرح اسرائيل سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آھي. ان روس ۽ چين طرفان سلامتي ڪائونسل ۾ امن معاھدي لا پيش ڪيل قراداد کي مڪمل طور ويٽو ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تہ ڊسمبر جي ٻئي ھفتي ۾ سلامتي ڪائونسل جي جنرل اسيمبلي ۾ غزا جي اندر فوري امن ۽ جنگ بندي لاءِ ٿيل ووٽنگ دوران 153 ملڪن امن ۽ جنگ بندي جي حق ۾ ووٽ ڪيو، جڏھن تہ 10 ملڪن مخالفت ڪئي ۽ 23 ملڪ خاموش رھيا. دنيا جي وڏي ۾ وڏي پليٽ فارم تي پڻ آمريڪا ۽ اسرائيل کي شديد شڪست ۽ بدنامي جو منھن ڏسڻو پيو. پر ان جي باوجود بہ اسرائيل پوئتي ھٽڻ لا تيار نہ آھي.اسرائيل جي اندر بہ ھن وقت نيتن ياھو حڪومت خلاف وڏي پيماني تي مظاھرا ٿي رھيا آھن، جنھن جو ڪارڻ ملڪ اندر وڌندڙ مھانگائي سميت ھر وقت خوف واري صورتحال ٻڌايو پيو وڃي، ڇو تہ جڏھن کان اسرائيل وجود ۾ آيو آھي، ان تي اھڙي قسم جا حملا ڪڏھن بہ نہ ٿيا آھن، جنھن جي ڪري اتان جي عوام ان قسم جي خوف واري صورتحال کي برداشت ڪرڻ کان قاصر آھي. جڏھن تہ ھن وقت تائين اسرائيل حڪومت جي مطابق حماس سان غزا ۾ ھلندڙ ويڙھ دوران  230 فوجي جنگ ۾ مارجي چڪا آھن. روس ۽ ٻين جي انٽيليجنس جي مدد سان گڏ ڪيل معلومات جي مطابق 3 ھزار کان وڌيڪ فوجي ھن ويڙھ ۾ مارجي چڪا آھن، جنھن ۾ وڌيڪ تعداد ريٽائر ٿيل ۽ رَضاڪارن جو آھي. ھن جنگ دوران اسرائيل پنھنجي ريٽائر فوجين ۽ رضاڪارن کي جنگ جي اڳين مورچن تي وڙھڻ لا مقرر ڪيو ھو جنھن جي ڪري اسرائيل فوج جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي. اسرائيل جي قانون تحت گريجوئيشن ڪندڙ هر نوجوان لا اھو ضروري آھي تہ ھو فوجي سکيا حاصل ڪري. جنھن ۾ ڇوڪرو  32 مھينا ۽ ڇوڪري 24 مھينا فوج سان گڏ بيرڪن ۾ رھي فوجي سکيا حاصل ڪرڻ جو پابند آھي ۽ جنگ جي صورتحال دوران انھن کي حاضر سروس فوجين سان گڏ جنگ پڻ وڙھڻي آھي. ان قانون تحت ئي  اسرائيلي وزير اعظم جو پنھنجو ڀائيٽو ان جنگ دوران مارجي چڪو آھي.دفاعي تجزيا نگارن جو چوڻ آھي تہ اسرائيل پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ کان تمام پري بيٺل آھي. ان لاءِ ھي جنگ مھينن جي بجاءِ  سالن تائين وڙھڻي پوندي. اگر سالن تائين اھا جنگ جاري رھي ٿي تہ ان سان اسرائيل معاشي طور تي تباھ ٿي ويندو ۽ اسرائيل جي ان عمل سان علائقائي سلامتي پڻ خطري ھيٺ اچي ويندي ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪا جا مفاد مڪمل طور تباھ ٿي ويندا، جنھن سان روس ۽ چين ايران جي مدد سان آمريڪا کي وچ اوڀر جي عالمي سياست مان ٻاھر ڪري ڇڏيندا، آمريڪا جي عالمي ۽ علائقائي اجاراداري مڪمل طور ختم ٿي ويندي. ھاڻي ڏسجي تہ اسرائيل ڪڏھن پنھنجي ناڪامي جو اعلان ڪري جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو ۽ بعد ۾ اسرائيل اندر پنھنجي ناڪامي کي ڪھڙي ريت  منھن  ڏين ٿا.