واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ حماس غزه ۾ 5 ڏينهن لاءِ جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آهن. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسرائيل ۽ حماس آمريڪي حمايت يافتا جنگ بندي جي ڊيل تي راضي ٿي ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين يرغمالين جي آزاد جي عيوض غزه ۾ ويڙهه تي 5 ڏينهن جي وقفي تي اتفاق ڪيو آهي. آمريڪي اخبار موجب 24 ڪلاڪن ۾ 50 جي لڳ ڀڳ يرغمالين جي آزادي جو امڪان آهي ۽ ڌرين ۾ طئي ٿيل معاهدو 6 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ معاهدي تي مک ڪردار قطر ادا ڪيو آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان پاران اسرائيل ۽ حماس ۾ معاهدي جي ترديد آمريڪي اخبار جي رپورٽ تي اسرائيلي اختيارين طرفان ڪنهن به قسم جو ردعمل سامهون ناهي آيو پر وائيٽ هائوس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيل ۽ حماس و چ ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي ترديد ڪندي چيو ويو آهي ته آمريڪا ٻنهي ڌرين وچ ۾ معاهدي لاءِ ڪوشش جاري آهن. آمريڪي صدر اسرائيل تي جنگ بندي لاءِ دٻاءُ وجهي:فلسطيني صدر فلسطيني صدر محمود عباس آمريڪي صدر جو بائيڊن کان جنگ بندي لاءِ اسرائيل تي زور ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو اهي ته تاريخ انهن ڏوهن تي ڪنهن کي به معاف نه ڪندي. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان غزه تي جاري اسرائيلي بمباري ۾ هيل تائين 12 هزار 300 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 25 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.هوڏانهن جنگبندي جي خبرن بعد اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته حماس سان ڪا ڊيل ناهي ٿي. يرغمالين جي آزادي جي باري ۾ ڪيترائي غلط افواهه پيا هلن.