اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ قومي فلسطين ڪانفرنس ٿي، مفتي اعظم پاڪستان مفتي تقي عثماني اسرائيل ۽ ان جي حاميتن جو مڪمل بائڪاٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته سموري اسلامي حڪومتن تي جهاد فرض ٿي چڪو آهي، مسلم ملڪن جون فوجون ۽ هٿيار ڪهڙي ڪم جا آهن اهي مسلمانن کي ظلم کان نجات نه ڏياري سگهن. هن چيو ته اسان سموري اسلامي حڪومتن کي فتويٰ ذريعي چيو آهي ته اوهان تي جهاد فرض ٿي چڪو آهي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته ضروري آهي ته مسلمان غزه ۽ فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار ڪن، هن چيو ته جيئن مفتي تقي عثماني ۽ ان کان اڳ مفتي منيب الرحمان فتويٰ جاري ڪئي اها صرف پاڪستان جي مسلمانن لاءِ نه پر عالم اسلام لاءِ آهي، هن چيو ته حڪومت ڦاٽل قميص وانگر آهي، پي ڊي ايم حڪومت ڪري رهي آهي ۽ صدر اپوزيشن ۾ آهي.ڪانفرنس جي پڌرائي ۾ جمعي تي فلسطينين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، پڌرائي ۾ چيو ويو ته سمورن مسلمانن ي جهاد واجب ٿي چڪو آهي.