تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي بچاءَ واري وزير يو او گيلنٽ وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس تي چڙهائي ڪئي پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي ڪابينا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب معاملو تقريبن جهيڙي تائين پهچي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب يرغمالين کي آزاد نه ڪرائڻ سگھڻ تي اسرائيلي ڪابينا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن ته اسرائيلي فوج ۾ به سخت اختلاف شروع ٿي چڪا آهن.