هڪ جنگ هڪ سال پهرين شروع ٿي هئي ۽ هڪ جنگ مهينو اڳ شروع ٿي آهي. ٻنهي غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيل پنهنجي وحشياڻي ڪارروائيءَ ۾ ڪيترائي شهر کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيا آهن، پوءِ به هن جو پيٽ نه ٿو ڀرجي ۽ هاڻ هن يمن کانپوءِ ايران جو مُنهن ڪيو آهي. هزارين ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن ته لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. گڏيل قومن جو ادارو، آمريڪا، جرمني، برطانيا سميت يورپي ملڪ جنگ بنديءَ جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر ٻئي پاسي هُو اسرائيل جي مالي ۽ هٿيارن جي مدد به ڪن ٿا. اُنهن جي ٻٽي پاليسيءَ جي ڪري انساني ڪوس جاري آهي. هاڻ سوال اهو آهي ته، آخر ڪو به ملڪ اسرائيل کي روڪي ڇو نه ٿو؟. آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه جنگ بنديءَ کي ٽي ڀيرا ويٽو ڪيو آهي، جڏهن ته باقي دُنيا ان جنگ بنديءَ جي حق ۾ آهي. هاڻ سوال اهو آهي ته، اسرائيل آمريڪا جي ڏَڍَ تي اها من مستي ڇو ڪري رهيو آهي ۽ علائقي ۾ نوان فتنا ڇو پيدا ڪري رهيو آهي. ان جا واضح ٻه مثال موجود آهن.
اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو خطي ۾ هلندڙ جنگ دوران هڪ نئون “وچ اوڀر” جو اصطلاح استعمال ڪندي نئون فتنو پيدا ڪيو آهي. طاقت جي توازن ۾ تبديلي ۽ علائقائي منظر نامي جي نئين سر جوڙجڪ اسرائيل جو ڪو نئون خواب ناهي، پر هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي خطاب دوران اسرائيل جا ٻه نقشا هٿ ۾ کڻي نئين باهه ٻاري آهي. جنهن ۾ فلسطيني رياست جو ڪو نالو نشان ئي ناهي. اُنهن ٻن نقشن مان هڪ نقشي ۾ سائو رنگ ۽ ٻئي ۾ ڪارو رنگ ڏيکاريل آهي. سائي رنگ وارن ملڪن ۾ مصر، سوڊان، گڏيل عرب امارتون، سعودي عرب، بحرين ۽ اردن شامل آهن. جڏهن ته ڪاري رنگ واري نقشي ۾ صرف ايران ۽ ان جا اتحادي ملڪ، عراق، شام، يمن ۽ لبنان شامل آهن، جن کي نقشي ۾ “مڪروه” جي نالي سان سڏيو ويو آهي. ترڪ صدر رجب طيب اردوغان ان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته، اسرائيل اصل ۾ “دجله فرات” ندين واري اسان جي سرزمين هڙپ ڪرڻ گُهري ٿو، پر غزه سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي اٿس. عالمي مبصرن جو چوڻ آهي ته، اسرائيل اصل ۾ فلسيطين کي پنهنجي ڪالوني بڻائڻ چاهي ٿو. 1993ع واري اوسلو معاهدي کي هُو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن، ان نقشي ۾ نئون اسرائيل ايراني خطرن کان پاڪ ڏيکاريو ويو آهي. نيتن ياهو جي بيان جو مقصد ايران جي ايٽمي پروگرام کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ آهي، ۽ هُو 7 آڪٽوبر کانپوءِ جي پنهنجي حيثيت کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو آهي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته، ايران پنهنجي حامي ويڙهاڪ گروپ کي پنهنجي فوج کان به وڌيڪ منظم ڪري اُنهن جي هر قسم جي مدد ڪري رهيو آهي، جنهن سان اسرائيل کي اصل خطرو آهي، پر اسرائيل عرب ملڪن جي حمايت کانسواءِ ان نقشي تي عمل نه ٿو ڪري سگهي ۽ عرب ملڪن کي خبر آهي ته، عوام اسرائيل جي معاملي تي سندن موقف کان مختلف آهي، ۽ جيڪڏهن هنن ان جي حمايت به ڪئي ته، اُنهن جون حڪومتون گهرو ويڙهه جي ور چڙهي وينديون. مراڪش، عرب امارات ۽ بحرين اسرائيل سان ابراهم معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن پر 7 آڪٽوبر جي حملي بعد ان تي عمل رُڪجي ويو آهي. اسرائيل سعودي عرب سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر سعودي عرب واضح اعلان ڪيو آهي ته، تيستائين اسرئيل سان سفارتي لاڳاپا قائم نه ڪبا، جيستائين فلسطيني رياست قائم نه ٿي ٿي وڃي. 7 آڪٽوبر جي واقعن مصر، شام، لبنان ۽ اردن سميت ٻين عرب ملڪن جي سوچ کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پر هن هاڻ وري فلسطيني تڪرار بجاءِ پنهنجي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي آهي. جنهن جا نتيجا انهن جي ئي خلاف نڪري رهيا آهن. ان تڪرار سان هاڻ آمريڪا، روس، چين ۽ يورپ جي مقامي سياست ۾ تبديليون پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن.
آمريڪا سالن کان اسرائيل جي مالي ۽ سياسي حمايت ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻ ان ۾ اضافو به ٿي ويو آهي. غزه جنگ ۽ هاڻ لبنان جنگ بعد آمريڪا ڪيترائي جنگي ٻيڙا اسرائيل جي مدد لاءِ موڪليا آهن. اها پاليسي انتهائي منجهيل ۽ خطرناڪ به آهي. ان حوالي سان مختلف عالمي ميڊيائي ادارن جي ڪيل ريسرچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، اصل ۾ آمريڪا نه پر اسرائيل آمريڪا ۾ پنهنجي جڙ ايتري ته مضبوط ڪئي آهي جو اُنهن لاءِ ڪُڇڻ به ڪُفر بڻجي ويو آهي. آمريڪي اليڪشن، سياست ۽ واپار سڄو يهودين جي هٿ وس آهي. هُو انهن کي جيئن چون ٿا تيئن ڪري رهيا آهن. هڪ ريسرچ موجب، آمريڪا ۾ وڏي انگ ۾ انتهاپسند يهودي ۽ عيسائي فرقا موجود آهن. آمريڪي سياست ۾ مذهب تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. اتي جيليڪا ڪنزرويٽرز 3300 ملين مان 62 ملين آهن، انهن جو مڃڻ آهي. جيئن بائيبل ۾ لکيل آهي تيئن ئي اسرائيل جو قيام ڪيو ويندو. آمريڪا ۾ ڪرسچن يونائيٽڊ فار اسرائيل اصل ۾ جيليڪا آرگنائيزيشن آهي. جنهن جو مقصد اسرائيل جو دفاع ڪرڻ ۽ پوري دنيا ۾ ان لاءِ آواز اُٿارڻ ۽ اُنهن لاءِ مالي فنڊنگ گڏ ڪرڻ آهي، ان جو بانيڪار “خان هيگي” آهي. جنهن جو چوڻ آهي ته، يهودين جي فتح ۽ بيت المقدس تي اُنهن جو مڪمل ڪنٽرول ئي اصل مشن آهي. اسان قسم کنيو آهي ته، بيت المقدس کي هر قيمت تي راڄڌاڻي بڻائينداسين. ان خطي ۾ صرف اسان ئي رهنداسين. ان گروپ جا پوري آمريڪا ۾ 10 ملين ميمبر آهن، جن ۾آمريڪي ڪانگريس، سينيٽ، ۽ ٻين ادارن جا ميمبر ۽ اڳواڻن سان گڏ يونين ڪائونسلن سميت گورنر به شامل آهن. اهو هڪ غير اعلانيل گروپ آهي، جيڪو انتهائي منظم آهي ۽ اهو آمريڪي سياست تي مڪمل طور اثرانداز ٿي اسرائيلي حڪومت جي مدد ڪندو آهي. ريپبلڪن پارٽيءَ ۾ جيليڪل جا 85 سيڪڙو سپورٽرز آهن. جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو صدر هو ته هن اسرائيل جي مڪمل حمايت ڪندي بيت المقدس کي اسرائيل جي راڄڌاڻي تسليم ڪيو هو، جيتوڻيڪ اهو عالمي سطح تي تڪراري فيصلو هو پر هن ان جي پرواهه ئي نه ڪئي، ڇو جو يهودي لابي، ان کي پئسو ڏئي کٽرايو هو.
هاڻ ان سڄي معاملي جا جيو پوليٽيڪل سبب به آهن. هِي پوري ملڪي سياست تي اثر انداز ٿيندا آهن. انهن جو هڪ ايپيڪ( www.aipacpac) آمريڪن اسرائيل پبلڪ افيئرز ڪميٽي آهي، جيڪو آمريڪا ۾ اسرائيل لاءِ سڀ کان گهڻي لابنگ ڪندڙ ادارو آهي، انهن جي پنهنجي ئي ويب سائيٽ موجب هو آمريڪي حڪومت ۾ اسرائيل لاءِ لابنگ ڪندا آهن. اهو آمريڪا جي قانون تحت ئي سرڪاري گروپ آهي. انهن جي ويب سائيٽ تي صاف لکيل آهي ته، انهن آمريڪي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ 98 سيڪڙو اميدوارن جي مالي مدد ڪئي ۽ انهن کي کٽرايو آهي. انهن جي دعويٰ آهي ته، انهن گذريل اليڪشن ۾ اهڙن 13 اميدوارن کي هارايو، جيڪي اسرائيل ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. 17.4 ملين ڊالرز اسرائيل حامي اُميدوارن کي مالي مد ۾ ڏنا ويا آهن. ان ۾ ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽس اُميدوار ٻئي شامل آهن. هِي پنهنجي ويب سائيٽ تي اهي انگ اکر باقاعدگيءَ سان شيئر ڪندا آهن. اهو گروپ ڪاميابيءَ سان پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيو آهي. هِي اهو سڀ ڪُجهه ليگل فريم ورڪ جي اندر رهي ئي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته جيوز وائيس آف پيس ۽ ٻين گروپن جو چوڻ آهي ته، اهو ادارو هاڻ ان حد تائين اڳتي وڌي ويو آهي، جو ان جي ڪري ملڪ جو جمهوري عمل ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ انهن جا اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر سرعام اسرائيل جي حق ۾ داداگيري ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ جو مثال ٿا وٺون، جيڪو گڏيل قومن جو هڪ ادارو آهي. پر اهو گروپ به ان مٿان حاوي آهي. ڪُجهه عرصو پهرين آءِ سي سي جي چيف پراسيڪيوٽر اسد ڪريم خان کي 12 آمريڪي سينيٽرز هڪ ليٽر لکي ڌمڪي ڏني ته، جيڪڏهن هن اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو يا اسرائيلي اڳواڻن خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ته سندس اداري خلاف سخت کان سخت پابنديون لڳايون وينديون. اسد ڪريم خان کي اها ڌمڪي به ڏني وئي ته، اوهان جي اداري جي سموري امداد روڪي ويندي ۽ اوهان جي ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هنن جي صحيحن سان ايپيڪ جي ويب سائيٽ تي فوٽن سميت نيوز لڳي پئي آهي. جڏهن ته اهو گروپ جن به اسيمبلي ميمبرن لاءِ پئسا گڏ ڪري رهيو آهي، انهن جون تصويرون ۽ تڪ به ويب سائيٽ تي صاف صاف رکي اپيل به ڪري رهيو آهي ته اهي يهودي حامي آهن، انهن کي اوهان کي کٽرائڻو آهي.
آمريڪي حڪومت هر سال اسرائيل لاءِ لکين ڊالر قرض نه پر امداد منظور ڪندي آهي. گذريل سال آمريڪي ڪانگريس اسرائيل لاءِ 14.3 بلين ڊالر منظور ڪيا. انٽرنيشنل انويسٽيگيشن جنرلسٽ جي جولاءِ واري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي صوبن ۽ ميونسپلز 1.7 بلين ڊالرز جي اسرائيلي بانڊز ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي. پام بيچ ڪائونٽي فلوريڊا اسرائيلي بانڊز ۾ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري ڪئي. پام بيچ ڪائونٽي فلوريڊا جي اڳواڻ جوزف ابروزو هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، آڪٽوبر جي حملي بعد اسان آمريڪي رياستن ۾ نمبر ون هئاسين، جڏهن 25 ملين ڊالرز جا اسرائيلي بانڊز خريد ڪيا، هاڻ اسان وٽ اسرائيلي بانڊز جي دنيا ۾ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي، اسان وٽ هاڻ 700 ملين ڊالرز جا اسرائيلي بانڊز موجود آهن. اهڙي سيڙپڪاريءَ سبب 35 سيڪڙو ميونسپلز ۽ ٻين شهرن جو ڪاروبار ان سيڙپڪاريءَ سبب اسرائيل سان سڌو جُڙي ويو آهي.
هاڻ سوال اهو آهي ته، پورو آمريڪا ۽ ان جي هر ننڍي وڏي حڪومت اسرائيل جي ايڏي مدد ڪري خطي ۾ ڇا ڪرڻ گُهري رهي آهي. ان جو ڪو سِڌو جواب ناهي پر جنگ ڦهلجندي پئي وڃي. غزه مِٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي پر عوام ۽ حماس اڄ به اسرائيل سان وڙهي رهيا آهن. هاڻ هُو لبنان فتح ڪرڻ لاءِ نڪري پيو آهي. حزب الله وٽ ٽي سئو تائين راڪيٽ ميزائيل آهن. جن جي رينج 300 ڪلوميٽرن تائين آهي. جيڪي اسرائيل تي ڪٿي به حملو ڪري سگهن ٿا. ان ڪري حزب الله وٽ ٻيو ڪو آپشن نه بچيو ته پوءِ هُو آخري حربي طور ان کي استعمال ضرور ڪندا. ايران تمام گهڻا نقصان برداشت ڪيا آهن، پوءِ به ان صورتحال ۾ هُو جنگ ئي وڙهندا، ان جو ڇيهه ڪٿي ٿو ٿئي ان جي ڪا خبر ناهي.