غزه/ تل ابيب/ بيروت(م ڊ) اسرائيل پاران بيروت تي فضائي حملي ۾ حزب الله جي نئين متوقع سربراهه هاشم صفي الدين سميت 20 فلسطينين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ذريعن موجب اسرائيلي حملي ۾ حسن نصرالله جي شهيد ٿيڻ بعد هاشم صفي الدين کي حزب الله جو نئون سربراهه مقرر ڪرڻ جا امڪان هئا، حزب الله پاران هاشم صفي الدين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته حزب الله 17 اسرائيلي فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، حزب الله پاران ٽيلي گرام تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ لبنان جي عديسه ۽ ڪفر ڪلي وارن علائقن ۾ داخل ٿيندڙ اسرائيلي فوجي جٿن کي روڪڻ دوران چڪريون ٿيون، 10 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ چڪرين دوران 17 اسرائيلي فوجي مارجي ويا، ذريعن موجب اسرائيلي فوج جي سرحدي علائقي مان پٺتي هٽي وڃڻ بعد چڪريون گهٽجي ويون، هوڏانهن اسرائيل جو 20 سالن ۾ پهريون ڀيرو جنگي جهازن سان اولهندي ڪناري طولڪرم پناهه گير ڪيمپ تي حملو ڪري ڏنو، هڪ ئي خاندان جي 4 ڀاتين سوڌو 20 ماڻهو مارجي ويا، عرب ميڊيا موجب گذريل ويهن سالن ۾ اهو پهريو ڀيرو آهي ته اسرائيل اولهندي ڪناري ۾ ڪنهن ٽارگيٽ يا بلڊنگ کي نشانو بڻائڻ لاءِ فائٽر جيٽ جهازن جو استعمال ڪيو، ان کان اڳ ننڍا ڊرون جهاز استعمال ڪندو رهيو آهي. ٻئي طرف غزه ۾ جمعي جي صبح تي ٿيندڙ اسرائيلي حملن ۾ 9 ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. هوڏانهن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي چيو آهي ته مسلمان ملڪن کي افغانستان کان يمن ۽ لبنان تائين هڪ دفاعي لائين ٺاهڻي پوندي، مسلمان متحد ٿي دشمن کي قابو ڪري سگهن ٿا، مسلمان متحد ٿي دشمن کي شڪست ڏئي سگهن ٿا، 5 سالن کانپوءِ ڏنل جمعي نماز جي خطبي ۾ آيت الله علي خامنائي چيو ته دنيا جا سمورا مسلمان مظلومن سان يڪجهتي جو اظهار ڪن، علي خامنائي جو خطبو ٻڌڻ لاءِ تهران ۾ هزارين شهري گڏ ٿي ويا، جهڙي طرح 7 آڪٽوبر جو حملو جائز هو، اهڙي طرح ايران جو اسرائيل تي حملو جائز آهي، فلسطيني حق تي آهن اسان انهن سان گڏ آهيون