تهران (م ڊ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته اسرائيل جو آمريڪا کان مدد گهرڻ سندس ڪمزور ظاهر ٿئي ٿي، ايراني عوام دشمن خلاف بنا ڪنهن خوف جي ڄمي بيٺل رهي، ايراني سپريم ليڊر آمريڪا ۽ اسرائيلي ڌمڪين تي ردعمل ڏيندي چيو ته اسرائيل پاران آمريڪا کان مدد گهرڻ مان سندن ڪمزوري ظاهر ٿئي ٿي، صيهوني سرڪار جا آمريڪي دوست منظر ۾ داخل ٿي چُڪا آهن، اسرائيل جا آمريڪي دوست اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، جيڪي صيهوني سرڪار جي نااهلي ۽ ڪمزوري ظاهر ڪن ٿيون، ايران پنهنجي ورتاءُ ۽ رويي سان دشمن آڏو واضح ڪري ته اسان دشمنن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون.