واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائڊن هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن غزه تي قبضو ڪيو ويو ته اها وڏي غلطي ٿيندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صدر جو بائڊن چيو ته اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو تي واضح ڪريان ٿو ته اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ جو حل صرف ٻه قومي حل آهي. اسرائيل پاران غزه تي مڪمل قبضو ڪرڻ غلطي هوندي. هن چيو ته پنهنجي طاقت موجب فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي قبضي مان يرغمالين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پر ان جو مطلب آمريڪي فوج اماڻڻ ناهي. يرغمالين جي بازيابي جي مسئلن تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ انهن جي بازيابي تائين جنگ نٿي روڪي سگھجي.