
غزه(م ڊ) اسرائيل آمريڪا جي قائم ڪيل امدادي ڪئمپن تي ميزائيل وسائي تباهه ڪري ڇڏيو، امداد وٺڻ آيل 40 فلسطينين کي ماني نه پر موت ملي ويو. حماس آمريڪا جي جنگبندي معاهدي جي متن ۾ ترميمن جون مطالبو ڪري ڇڏيو، آمريڪا ان مطالبي کي ناقابل قبول قرار ڏنو آهي. ڪالهه غزا جي بک ستايل ماڻهن کي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ آمريڪا امدادي ڪيمپون قائم ڪيون. امداد وٺڻ لاءِ هزارين فلسطيني ڪيمپن تي پهتا پر اسرائيلي فوج انهن ڪيمپن تي بمباري ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 32 فلسطيني شهيد ٿي ويا. انهن مان 31 فلسطيني رفاح ۽ هڪ نيتزرم ڪاريڊور وٽ شهيد ٿيو. جڏيهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اهي حملا غزه شهر، اتر غزه، وچ غزه، خان يونس، جينن ۾ ڪيا ويا. زخمين کي اسپتال آندو ويو جن مان ڪيترن ئي جي حالت نازڪ آهي ۽ اسپتالن ۾ دوائن ۽ خوراڪ جي کوٽ هجڻ جي ڪري انهن زخمين جي جانين کي به خطرو آهي. جڏهن ته عالمي ادارا ۽ عملدار انهن امدادي ڪيمپن کي موت جي وادي قرار ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته اسرائيلي فوج جي دعويٰ آهي ته اهي حملا اسان نه ڪيا آهن. الجزيره موجب اسرائيل فلسطينين جي گهرن تي حملا ڪري رهيو آهي ۽ بم وسايا پيا وڃن. برطانيا ان حملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ٻين علائقن ۾ وڌيڪ 9 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن. ٻئي طرف جنگبندي لاءِ ڳالهيون جاري آهي پر اسرائيل حملا بند نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته حماس الزام هنيو آهي ته اسرائيل جو قومي سلامتي جو وزير بين گوير قبضو ڪيل فلسطيني علائقن ۾ مسجدن مان اذان ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جنهن لاءِ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. اهو عمل مسلمانن جي توهين آهي اسان اهو عمل رد ڪريون ٿا. اٽلي غزه لاءِ امدادي بحري جهاز اماڻيو آهي جڏهن ته اٽلي جي صوبي ايميليا رومگنا اسرائيل سان سفارتي ناتا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن حماس آمريڪا جي تجويز ڪيل جنگبندي جي مسودي ۾ تبديليون آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي جنهن تي آمريڪي نمائندي اسٽيو وٽڪوف رد ڪندي چيو آهي ته حماس جو اهو مطالبو قابل قبول نه آهي.