تل ابيب/غزه(م ڊ) اسرائيل حماس طرفان امداد تي قبضي جو الزام لڳائيندي غزه کي امداد ٻن ڏينهن جي لاءِ روڪي ڇڏي. هڪ اسرائيلي اهلڪار برطانوي خابرو اداري کي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته فوج کي نئون طريقيڪار واضح ڪرڻ لاءِ امداد جي فراهمي ٻن ڏينهن لاءِ معطل ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي اهڙيون وڊيوز هلي رهيون آهن جنهن ۾ ڪيترائي ٻٽ ٻڌل هٿياربند امدادي ٽرڪن تي ويٺل نظر اچي رهيا آهن، اسرائيلي عملدارن الزام لڳايو ته اهي ٻٽ ٻڌل هٿياربند حماس جا آهن جيڪي امداد تي قبضو ڪري پنهنجي لاءِ استعمال ۾ آڻي رهيا آهن. هوڏانهن اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 103 ڄڻا مارجي ويا. 219 ماڻهو زخمي ٿي پيا. فلسطيني صحت واري وزارت موجب مارچ ۾ جنگبندي جي خاتمي کانپوءِ هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ 5936 فلسطيني شهيد ٿي ويا.