اوٽاوا / واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسرائيل جي حمايت ڪئي، ايران جنگ نه ٿو کٽي سگهي، کيس هر صورت ۾ ڳالهين طرف اچڻو پوندو. ڪينيڊا ۾ جي 7 اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ايران کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجي، ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان هميشه اسرائيل جي حمايت ڪئي آهي، تل ابيب هن وقت تمام سٺو ڪري رهيو آهي. جي سيون اجلاس ۾ روانو ٿيڻ کان اڳ صحافين صدر ٽرمپ کان سوال پڇيو ته اسرائيل کي ايران مٿان حملا روڪڻ جو چيو آهي يا نه؟ ٽرمپ جواب ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته آمريڪا اسرائيل جي دفاع ۾ اُن جي حمايت جاري رکندو، اُن کان اڳ آمريڪي صدر چيو هو ته ايران ۽ اسرائيل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جهڙو معاهدو ڪرائيندس، آمريڪي صحافي کي آف ڪئميرا ڳالهه ٻولهه ۾ ٽرمپ چيو ته آمريڪا في الحال اسرائيل ايران جنگ ۾ شامل ناهي، ممڪن آهي ته اسان اسرائيل ايران جنگ ۾ شامل ٿي وڃون