تل ابيب / غزه / واشنگٽن (م ڊ) اسرائيل جي ٻئي ڏينهن به دهشتگردي جاري، هوائي حملن کانپوءِ زميني حملا ڪري ڏنا،  وڌيڪ 27 فلسطيني مارجي ويا، تل ابيب ۽ نيويارڪ ۾ هزارين ماڻهو جنگ خلاف نڪري آيا، زبردست احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته هي ته شروعات آهي، امن ڳالهيون جنگي شعلن وچ ۾ ٿينديون، سمورا هدف حاصل ڪرڻ تائين جنگ جاري رهندي. صيهوني فوج غزه جي ڏاکڻين ۽ اترئين علائقن کي نشانو بڻايو، سڄي رات بمباري ڪئي وئي، الجزيره موجب غزه جي ڪيترن ئي رهائشين جبري نيڪالي تي عمل نه ڪندي واضح ڪيو ته اسان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، اسرائيل جا حڪم مڃڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هوڏانهن اسرائيلي فوج جي دهشتگردي ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف گڏيل قومن، يورپي يونين، چين، سعودي عرب، مصر، پاڪستان، بيلجيم، سوئٽرزلينڊ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مذمت ڪئي. اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب ۾ يرغمالين جي گهروارن ۽ دوستن احتجاج ڪيو، آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ به فلسطين جا حامي روڊن تي نڪري آيا، احتجاج ڪندڙن آمريڪا کان اسرائيل کي غزه تي بمباري بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر اليگزينڊريا اوڪاسايو ڪورٽيز آمريڪا هٿيارن جي فراهمي بند ڪري، اسرائيل تازي دهشتگردي ڪري يرغمالين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو ۽ جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. غزه جي علائقي دير البلح ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جو هڪ غيرملڪي اهلڪار مارجي ويو، 5 ٻيا پرڏيهي شديد زخمي ٿي پيا.