غزه (م ڊ) اسرائيل رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جو به احترام نه ڪيو، غزه ۾ تازن حملن دوران وڌيڪ 67 فلسطيني شهيد ۽ 106 زخمي ٿي پيا. غزه ۾ اسرائيل جا وحشياڻا حملا رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به جاري آهن. اتر غزه، خان يونس ۽ رفع ۾ بمباري سبب  67 فلسطيني شهيد ٿي ويا. رپورٽ موجب اتر غزه ۾ شديد غذائي کوٽ سبب وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ غذائي کوٽ سبب شهيد ٻارن جو انگ 27 ٿي ويو آهي. قابض اسرائيلي فوج سوين فلسطينين کي مسجد اقصيٰ ۾ داخل  ٿيڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا موجب آچر جي رات رمضان مهيني جي پهرين تراويح جي موقعي تي والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز سخت ناڪابندي ڪندي مسجد اقصيٰ ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيو هو. اسرائيل جي پابندي باوجود ڪيترائي فلسطيني تراويح جي نماز لاءِ مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هوڏانهن حزب الله طرفان اسرائيلي علائقن تي حملا ڪيا ويا. جڏهن ته لبنان جي حدن ۾ ايندڙ اسرائيلي ڊرون جو حملو به ناڪام بنايو ويو. ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس رمضان جي مهيني ۾ غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ انتونيوگوتريس چيو ته مسلمانن جو امن، سلامتي پکيڙيندڙ مقدس مهينو رمضان شروع ٿي ويو آهي. مقدس مهيني ۾ به غزه ۾ بمباري، خونريزي ۽ فوتگين جو سلسلو جاري آهي. جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان هينئر تائين شهيد فلسطينين جو انگ 31 هزار کان ٽپي چڪو آهي جڏهن ته 72 هزار 760 کان وڌيڪ زخمي آهن