اسرائيل دهشتگردي ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 110 ٿي ويو

0
451

غزا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسرائيل جي فلسطين جي غزه پٽي ۾ دهشتگردي جاري آهي، بمباري ۾ هيل تائين 110کان وڌيڪ فلسطيني شهري شهيد ٿي چڪا آهن، هزارين زخمي آهن.
شهيدن ۾ 17 ٻارڙا، 7 عورتون ۽ حماس ڪمانڊر به شامل آهن ، اسرائيلي بمباري سبب غزه پٽي جي اوڀر واري علائقي ۾ وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي آهي
حماس جي اسرائيلي فوج خلاف ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي، يروشلم ۽ تل ابيب ۾ ڪيترائي راڪيٽ فائر، 7 اسرائيلي مارجي ويا: فلسطين ۽ اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ بعد سعودي عرب جِي درخواست تي او آءِ سي جو اجلاس 16 مئي تي طلب ڪيو ويو
وزيراعظم عمران خان جو فلسطيني صدر محمود عباس سان فون تي رابطو، وزيراعظم طرفان فلسطينين تي اسرائيلي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي،