تهران(اسپورٽس نيوز) ايراني صوبي لورستان جي مشهور ڪراٽي پليئر هيلينا غلامي تازين اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي وئي آهي. ايراني ڪراٽي فيڊريشن هيلينا غلامي جي موت جي تصديق ڪئي آهي ۽ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هيلينا غلامي نه رڳو ڪراٽي جي ماهر هئي پر نوجوانن لاءِ هڪ رول ماڊل پڻ هئي. سندس موت ايران جي راندين جي حلقن ۾ سوڳ جي لهر پکيڙي ڇڏي آهي.