بيجنگ/ماسڪو (م ڊ) روسي صدر پيوٽن ۽ چيني صدر شي جن پنگ پاران فون تي رابطي دوران ايران اسرائيل جنگ جي سفارتي حل تي زور ڏنو ويو، پيوٽن ۽ شي جِن پِنگ پاران ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي وئي، صدر پيوٽن ٻي عالمي جنگ جي مناسبت سان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين ويندو، ٻئي پاسي هڪ بيان ۾ روسي صدر چيو ته اسرائيل جي سلامتي سان گڏ ايراني مفادن کي به يقيني بڻائڻو پوندو، ايران سان ڇڪتاڻ تي اسرائيل ۽ آمريڪي صدر سان رابطا آهن، ايران سان اسٽريٽيجڪ پارٽنرشپ واري معاهدي ۾ فوجي سهڪار شامل ناهي ۽ نه ئي ايران روس کان فوجي مدد گهري آهي، 200 کان وڌيڪ روسي جوهري ماهر ايران ۾ پاور پلانٽ جا 2 يونٽ ٺاهڻ لاءِ موجود آهن، اسرائيل روسي جوهري ماهرن کي نقصان نه پهچائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ٻئي طرف چيني صدر جو چوڻ هو ته اسرائيل خطي جي عوام جي مفادن کي ترجيح ڏئي، عالمي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال يا اُن جي ڌمڪي جي اجازت ناهي، چين ٻين ملڪن جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي کي ڇيهو رسائڻ واري هر قدم جي خلاف آهي.