اسرائيل- حماس ٺاهه: غزه ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪيئن ٿيندو؟!

0
25
اسرائيل- حماس ٺاهه: غزه ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪيئن ٿيندو؟!

حضرت عمر رضه اڪيلي سر بيت المقدس کي فتح ڪيو هو پر ان وقت صليبين کيس چيو هو ته، اڄ اوهان کي پرامن طور تي بيت المقدس حوالي ڪري رهيا آهيون پر توهان کانپوءِ ان کي پوري طاقت سان ٻيهر کسي وٺنداسين ۽ ٿيو به ائين، ان بعد مسلم حڪمران پنهنجي مقدس سرزمين کي ذاتي مفادن سبب قائم نه رکي سگهيا ۽ صليبي ان تي قابض ٿي ويا، مسلمانن جو قتل عام به شروع ڪيو، بعد ۾ عماد الدين زنگي جيڪو حلب جو حڪمران هو، ان جي شهادت بعد سندس پٽ نور الدين زنگي حڪمراني سنڀالي جيڪو ( 1118 کان 1174 ) تائين حڪومت ۾ رهيو. مسلم حڪمران نور الدين زنگي بيت المقدس کي صليبين کان آزاد ڪرائڻ لاءِ مرحليوار حڪمتِ عملي اختيار ڪئي، جيتوڻيڪ هُو پاڻ ان کي فتح نه ڪري سگهيو پر سندس جانشين صلاح الدين ايوبي 12 هين صديءَ ۾ سندس حڪمتِ عملي تي عمل ڪري 1187 تي بيت المقدس کي فتح ڪيو. شام وچ اوڀر ۾ جنگي حڪمت عملي جي حوالي سان انتهائي اهم علائقو آهي، اهو ئي سبب آهي جو نور الدين زنگي سڀ کان پهرين شام جي اهم شهرن (حلب، حمص ۽ دمشق) تي قبضا ڪري انهن کي شام ۾ شامل ڪيو، دمشق، جيڪو صليبين خلاف اهم مورچو هو، ان کي 1154 ۾ فتح ڪري زنگي سلطنت ۾شامل ڪيو، جنهن بعد هن منظم فوج قائم ڪئي، جنگي حڪمت عملي ذريعي قلعه بندين کي مضبوط ڪيو، بيت المقدس کي سڌي ريت فتح ڪرڻ بجاءِ هن مرحليوار صليبي رياستن کي ختم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ انطاڪيا سان گڏ 1148 ۾ اڊيسيه کي فتح ڪري صليبين کي تمام وڏو ڌڪ رسايو، بيت المقدس تي قبضي لاءِ مصر کي فتح ڪرڻ به انتهائي ضروري هو، جتي عباسي ۽ فاطمي خلافت جي جنگ هلي رهي هئي، مسلمان انتشار جو شڪار هئا. 1164 تي هن صلاح الدين ايوبي کي مصر موڪليو، جنهن فاطمي خلافت جو خاتمو ڪري اتي زنگي سلطنت قائم ڪئي. جنهن بعد نور الدين صليبين جا تجارتي رستا بند ڪري انهن جي قلعن کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن سان بازنطيني ۽ مسيحي سلطنتن ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا. نور الدين زنگي صليبين کي ڪمزور ۽ مسلم دنيا کي متحد ڪيو، جنهن بعد 1187 ۾ (حطين جنگ) کانپوءِ بيت المقدس کي فتح ڪيو ويو.

مصر شام کانپوءِ بيت المقدس جي حوالي سان علائقي جو انتهائي اهم ملڪ آهي، جنهن کي صلاح الدين ايوبي 1164 تي فاطمي خلافت جو خاتمو ڪري ان تي قبضو ڪري پوءِ بيت المقدس لاءِ ويڙهه ڪئي وئي. مصر صدين کان ان خطي جو اهم ڪردار رهيو آهي، سندس جاگرافيائي اهميت يورپ لاءِ به انتهائي اهم آهي، خاص طور تي سويز نهر جي ڪري هو يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا وچ ۾ اهم واپاري رستي جو مالڪ به آهي. مصر عرب دنيا ۾ قومپرستيءَ جو علمبردار به رهيو آهي. خاص طور تي جمال عبدالناصر جي دور ۾ عرب دنيا مغربي سامراجيت کان نجات لاءِ تحريڪ هلائي ۽ اهي اسرائيل ۽ فلسطين کي آزادي ڏيارڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ به هليا ويا. مصر فلسطينين جي ڪاز ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 1948ع، 1956ع، 1967ع ۽ 1973ع جي جنگين ۾ مصر اسرائيل خلاف فلسطينين جي حمايت ڪئي. 1948ع تي اسرائيل جي قيام بعد مصر ٻين عرب ملڪن سان گڏجي اسرائيل سان جنگ ڪئي، جنهن ۾ انهن کي شڪست ملي ۽ فلسطين جو وڏو حصو اسرائيل جي قبضي ۾ هليو ويو. 1967ع جي 6 ڏينهن جي جنگ ۾ اسرائيل مصر ۽ ٻين عرب ملڪن کي آمريڪي ۽ برطانوي فوج جي مدد سان شڪست ڏئي مصر جي سينائي ٻيٽ تي قبضو ڪري ورتو. 1973ع ۾ مصر شام سان گڏجي اسرائيل سان جنگ ڪئي. جيئن 1967ع ۾ قبضا ڪيل علائقا واپس وٺي سگهجن جنهن کي “يوم ڪپور جنگ” به سڏيو ويندو آهي پر پوءِ به ٻئي ملڪ پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهيا، ويتر شام جي گولان جي پهاڙن جي ڪجهه حصن تي اسرائيل قابض ٿي ويو. بعد ۾ يورپي ملڪن مصر ۽ اسرائيل ۾ ڪيمپ ڊيوڊ ۾ 1978ع ۾ امن معاهدو ڪرايو. صدر انور سادات ان ٺاهه تي صحيحون ڪيون، جنهن تحت اسرائيل سينيائي ٻيٽ مصر کي واپس ڪيو پر مصر کي عرب دنيا عرب ليگ مان نيڪالي ڏئي ان کي الڳ ٿلڳ ڪري ورتو. هن وقت مصر پورو يورپي حڪمرانن جي چنبي ۾ آهي ۽ اسرائيل جو اهم واپاري اتحادي آهي. حماس جنگ ۾ به مصر اسرائيل جي ڪافي مدد ڪئي، ان کي حماس جي ڳجهي حڪمت عملي کان به آگاهه ڪندو رهيو آهي. هاڻ جيڪو به اسرائيلي جهيڙو هوندو آهي، ان ۾ مصر قطر جيان ٽياڪڙ هوندو آهي، جتي هو اسرائيل جو حامي بڻجي بيهي رهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مٿي ڏنل تاريخي حوالن جي حوالي سان مصر ۽ شام جي گريٽر اسرائيل جي ڪهڙي پاليسي آهي، جيئن مسلم حڪمرانن ڪئي تيئن ئي اسرائيل به حڪمت عملي اختيار ڪري مصر، شام، لبنان، عراق ۽ ٻين عرب ملڪن تي ڪنٽرول ڪري رهيو آهي. اسرائيل سينيائي ٻيٽ کي هڪ بفر زون طور ڏسي رهيو آهي، جيئن مستقبل ۾ فوجي حوالي سان لبنان يا ڪنهن ٻئي ملڪ تي قبضي لاءِ ان علائقي مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.ايران وچ اوڀر ۾ طاقت جي اهم توازن طور اُڀري آيو هو، جنهن جا يورپ مخالف ملڪن روس، چين، اترڪوريا جهڙن ملڪن سان اسٽريٽجڪ ناتا هئا، انهن ملڪن جي ايران به مدد ڪئي ته انهن ملڪن به عرب ملڪن تي ڪنٽرول لاءِ ايران جي مدد ڪئي، جنهن سان هُو مختصر عرصي ۾ علائقي جي وڏي طاقت ٿي اُڀري آيو، ايٽمي پروگرام جي ڪري آمريڪا سميت سندس اتحادين لاءِ خطرو بڻجي ويو. پنهنجا مذهبي نظريا پاسيرا رکي سني ويڙهاڪ فلسطيني ۽ مسلمان گروهن جي مالي ۽ فوجي مدد ڪرڻ شروع ڪئي، حماس جي طاقت طور اڀري آيو ۽ اسرائيل سان سڌي جنگ ۾ شامل ٿي ويو، جنهن سان پوري يورپي دنيا کيس اڪيلو ڪرڻ لاءِ متحد ٿي اسرائيل جي سرعام مدد ڪرڻ لاءِ بيهي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ ايران جي اهم اتحادين کي ڌار ڪري سندس ويڙهاڪ گروپن کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو. ايران کي هڪ ڊگهي حڪمت عملي سان سياسي، اقتصادي ۽ فوجي ميدان ۾ اڪيلو ڪيو ويو. ان جي ساکَ کي ڌڪ رسايو ويو، شام تي قبضو ڪري ان جي فوجي حڪمت عملي کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو. نيٺ ايران کي ميدان جنگ مان ٻه قدم پوئتي ٿيڻو پئجي ويو. ايران تي پابنديون لڳايون ويون، مهانگائي، بيروزگاري سبب ملڪ جو ڍانچو مفلوج ٿي ويو. سعودي عرب سميت ٻيا عرب ملڪ منهن موڙي بيهي رهيا، فوجي اڳواڻن جي شهادت بعد سائبر جنگ ايران جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. شام، لبنان، يمن ۽ عراق ۾ حزب الله، حوثي باغين، اسلامي جهاد ۽ حماس جي نيٽ ورڪ کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي. عراق ۾ ايران حامي ويڙهاڪ گورهن خلاف ڪيترن ڏينهن کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي. عوامي سطح تي انهن کي الڳ ٿلڳ رکڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي آهي. عراقي حڪومت انهن جي فنڊنگ بند ڪري ڇڏي آهي. قطر ۽ ترڪي جهڙا ملڪ به هاڻ ايران جي خلاف ٿيو بيهي رهيا آهن. شام ۾ روس ۽ ايرن جي مفاهمت جي حوالي سان به اختلاف سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن.

سعودي عرب جيڪو مڊل ايسٽ ۾ ايران جي وڌنڌڙ اثر جي ڪري سخت پريشان هو، ان حماس اسرائيل امن ٺاهه تي سک جو ساهه کنيو آهي. پر گريٽر اسرائيل جي نقشي ۽ شام تي اسرائيل جي مڪمل قبضي کيس پريشان به ڪري ورتو آهي ته اڳتي هلي هو اسان تي به هلان ڪري سگهي ٿو. سعودي عرب جي 20 ملڪن ۾ به شامل آهي، جيڪو معيشت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. آمريڪا ۽ يورپ جا سعودي وارن سان واپاري لاڳاپا آهن، ان ڪري اسرائيل کي سعودي جي حوالي سان جارحاڻي پاليسي اختيار ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي. خطي جي صورتحال کي ڏسندي سعودي عرب پنهنجي فوجي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ دنيا جا جديد ترين هٿيار خريدڻ شروع ڪيا آهن، ايران سان دوستي ڪري هو يمن ۾ مٿي جي سور حوثي باغين کي به ٿڌو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. پر هاڻ فلسطين ۾ غزه جي حڪمراني جي حوالي سان سعودي عرب اسرائيلي منصوبي کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هو چاهي ٿو ته فلسطيني حڪومت ئي سمورن علائقن تي حڪمراني ڪري پر اسرائيل غزه ۾ پنهنجي منپسند حڪمران پارٽي کي آڻڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري رهيو آهي. جيئن سندن ڪنٽرول برقرار رکي سگهجي. غزه جنگ ۾ هن وقت تائين 50 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ۽ اسرائيلي حملا اڄ به جاري آهن. مغربي سفارتڪارن کي خدشو آهي ته 42 ڏينهن جي پهرين مرحلي بعد جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿي. غزه جنگ جا پوري وچ اوڀر تي اثر مرتب ٿيا آهن پر ان خطي ۾ هڪ مڪمل ۽ ڊگهي جنگ شروع ناهي ٿي. پر ان جنگ جي ڪري خطي ۾ ڪافي اسٽريٽجڪ تبديليون ضرور ٿيون آهن. حماس هن وقت به ويڙهه جي صلاحيت رکي ٿي پر پهرين جي مقابلي ۾ ڪافي ڪمزور ٿي وئي آهي. لبنان ۾ حزب الله کي اسرائيل شڪست ڏئي ڇڏي آهي پر نظرياتي طور تي هو اڄ به مضبوط آهن ۽ انهن جي صفن ۾ اڄ به پوري دنيا مان نوجوان وڏي انگ ۾شموليت اختيار ڪري رهيا آهن، جن جي فوجي ٽريننگ به جاري آهي. يمن ۾ حوثي باغين بحر احمر مان گذر ڪندڙ يورپ ۽ ايشيا جي جهازن کي روڪي ورتو هو پر هاڻ انهن غزه جنگ بندي جي ڪري امن جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن قسمن ساٿ ڏنو ته سياسي عزم ۽ سفارتي ڪوششن سان جنگ بندي جاري رهي سگهي ٿي ۽ قتل عام بند ٿي سگهي ٿو پر غزه ۾ 15 مهينن کان جاري جنگ کانپوءِ هڪ صدي کان وڌيڪ وقت تائين هلندڙ جهيڙي جو حل ڪهڙو نڪرندو. جنگ بندي سان جهيڙو ختم ناهي ٿيو، ايتري تباهي ۽ قتل عام جا نتيجا گهٽ ۾ گهٽ هڪ نسل تائين ته محسوس ضرور ڪيا ويندا.