بيروت (م ڊ) اسرائيل طرفان لبنان تي گهرن ۽ ٻين هنڌن تي بمباري سبب ٻارن عورتن سميت وڌيڪ 40 ماڻهو مارجي ويا. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب لبناني صحت واري وزارت موجب حزب الله خلاف اسرائيل هوائي حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته بالبيڪ هيرميل جي علائقي کي نشانو بڻايو ويو جتي 20 ماڻهو شهيد ٿيا، ڪاناسياح ۾ بمباري دوران 11 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 14 زخمي ٿي پيا. هوڏانهن اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته لبنان ۾ حزب الله جي دهشتگرد ڍانچي به نشانو بنايو، انهن حملن ۾ دهشتگرد، آپريشنل اپارٽمينٽ ۽ هٿيارن جا ذخيرا تباهه ڪيا ويا.