اسرائيل جي غزه تي فضائي حملن جي نتيجي ۾ وڌيڪ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن
فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي نون فضائي حملن ۾ 27 ڄڻا شهيد ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن
اسرائيل جي دفاع واري وزير يوو گيلنٽ چيو آهي ته غزه خلاف اسرائيل جو آپريشن ٽن چئن مهينن تائين جاري رهي سگهي ٿو، غزه آپريشن جي پڄاڻيءَ تائين حماس ختم ٿي ويندي
اسرائيلي وزير چيو ته فضائي حملن کانپوءِ غزه ۾ جلد زميني ڪارروائي به شروع ڪئي ويندي، اسرائيلي فوج پاران لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي به بمباري جي دعويٰ ڪئي آهي
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته حزب الله جا ويڙهاڪ اسرائيل تي ٽينڪ ٽوڙ ميزائيل ۽ راڪيٽ فائر ڪرڻ وارا هئا ته مٿن بمباري ڪئي وئي، حزب الله اسرائيلي حملي ۾ هڪ ويڙهاڪ مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي