غزه(م ڊ) غزه تي اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري رهيو، وڌيڪ 40 فلسطيني مارجي ويا، صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 86 فلسطيني شهيد ۽ 287 زخمي ٿيا آهن. الشفاءَ اسپتال جي ميڊيڪل ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ زخمين جي علاج لاءِ جڳهه ناهي بچي، انروا سربراهه چيو آهي ته جنگبندي جي خاتمي کانپوءِ ڏهاڙي گهٽ ۾ گهٽ 100 فلسطيني ٻارڙا شهيد يا زخمي ٿي رهيا آهن. هوڏانهن حماس جو چوڻ آهي ته غزه ۾ رهيل يرغمالين مان اڪثر شديد خطري ۾ آهن، يرغمالي انهن علائقن ۾ آهن جتي اسرائيلي فوج جبري بي دخلي جا حڪم ڏنا آهن.