غزه(م ڊ)اسرائيل جي غزا تي بمباري ۾ وڌيڪ 241 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزا ۾ 7 آڪٽوبر کان  جاري اسرائيلي وهشيت ۽ بربريت جاري آهي، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 241 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 20 هزار 915 ٿي ويو . اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 54 هزار 918 فلسطيني شهري زخمي ٿي چڪا آهن. فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم القسام چيو آهي ته اتر غزا جي ابراج الناده واري علائقي ۾ داخل اسرائيلي جيپ کي تباه ڪيو ويو  جنهن ۾  ڪجهه اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.