غزه(م ڊ) اسرائيلي فوج طرفان غزه سٽي جي ضلعن ۾ ڪيل هوائي حملن دوران 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 120 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، رپورٽ موجب پناهگير ڪيمپن ۾ هڪ ۽ گهرن تي بمباري دوران 24 ماڻهو شهيد ٿيا، التفاح ويجهو گهرن تي اسرائيلي فوج پاران ڪيل ڪارروائي دوران 18 فلسطيني مارجي ويا، اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آءِ ڊي ايف اهلڪارن جنگي جهازن ذريعي غزه سٽي ۾ حماس جي ٻن ٺڪاڻن تي ڪارروائي وئي، بيان ۾ تفصيل ناهن ٻڌايا ويا، حماس اسرائيل جي ان دعويٰ تي ڪو به تبصرو نه ڪيو، سندن چوڻ هو ته حملن ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو آهي، اسرائيل کي ان ظلم جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، عرب ميڊيا موجب هلال احمر جي آفيس وٽ 2 حملا ٿيا پهرين حملي کانپوءِ جڏهن ماڻهو حملي واري هنڌ ويا ته اتي ٻيهر شلينگ ڪئي وئي، فوتين جي انگ ۾ وڌڻ جو خدشو آهي.