غزه (م ڊ) غزه ۾ اسرائيل جا ظلم جاري آهن، بمباري ۾ وڌيڪ 19 شهري شهيد ٿيڻ بعد شهيدن فلسطينين جو انگ وڌي 4300 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 14 هزار زخمي آهن. غزا ۾ جاري اسرائيلي بربريت سبب شهيد ٿيندڙن ۾ 15 سئو کان وڌيڪ ٻارڙا شامل آهن، جڏهن ته اوتريون ئي عورتون  به شهيد ٿي چڪيون آهن. غزه پٽي تي اسرائيلي بمباري ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ گھر تباهه ٿي چڪا، اسرائيلي ظلمن جي نتيجي ۾ بي گھر فلسطينين جو انگ به 10 لک تائين پهچي ويو آهي. اسرائيلي فوج طرفان شيبا فارمز ڀرسان ڏکڻ لبنان تي به بمباري ڪئي وئي جڏهن ته آمريڪي صدر ۽ برطانوي وزيراعظم جي حمايت ملڻ بعد ڪنهن به وقت غزا تي اسرائيلي فوج جي زميني حملي جو به امڪان آهي. حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي جارحيت سبب تڪرار علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو ۽ ان صورت ۾ اهو اسرائيل ۽ ان جي حامين جي قابو کان ٻاهر ٿي ويندو. هوڏانهن غزا جي اسپتالن ۾ بجلي غائب آهي جڏهن ته ٻارڻ ختم ٿيڻ تي جنريٽر به بند ٿي ويا، اسپتال جو عملو موبائل فون جي ٽارچ جي روشني ۾ آپريشن ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي. خان يونس جي اسپتال جي ڊاڪٽر پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسپتال ۾ ڪو به آءِ سي يو بيڊ موجود ناهي، وڌيڪ حياتيون نٿا بچائي سگھون. ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته ان جو مطلب آهي ته وڌيڪ ٻارن، عورتن کي طبي امداد کانسواءِ مون کي منهن ڏيڻو پوندو. هوڏانهن  غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ 12 ورهين جو فلسطيني يوٽيوبر عوني الدوس به شهيد ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب الدوس جي شهادت جو اطلاع فلسطيني رضاڪارن سوشل ميڊيا تي ڏنو. 12 ورهين جي عوني الدوس غزا تي تازي اسرائيلي جارحيت جي شروعات کان ڪجهه عرصو اڳ يوٽيوب تي پنهنجو چينل بڻايو جتي هو گيمنگ وڊيوز اپلوڊ ڪندو هو ۽ سندس خواهش هئي ته هو هڪ مشهور شخصيت بڻجي. عوني الدوس جي يوٽيوب چينل تي 31 هزار کان وڌيڪ سبسڪرائبرز آهن جنهن تي رڳو 11 وڊيوز شيئر ڪيون ويون آهن. عوني الدوس جو خواب هو ته سندس هڪ لک کان وڌيڪ فالوورز ٿي وڃن پر هو غزا تي تازن ترين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي ويو. ٻئي پاسي رفاح راهداري ذريعي امدادي ٽرڪون غزا ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون. پرڏيهي ميڊيا موجب مصر ۽ غزا جي پٽي تي موجود رفاح ڪراسنگ سان امدادي 20 کان وڌيڪ ٽرڪون غزا ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون. ان حوالي سان آمريڪي سفارتخاني جو چوڻ هوته هنن وٽ اهي اطلاع آهن ته مقامي وقت موجب صبح جو 10 وڳي امدادي ٽرڪون رفاح راهداري رستي غزا ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون. حماس ميڊيا جي آفيس موجب غزا ۾ ڪالهه 20 امدادي ٽرڪون داخل ڪيون ٿيڻيون هيون جن ۾ دوائون، طبي اوزار ۽ کاڌي پيتي جو ڪجهه سامان موجود آهي. عرب ۽ نار ميڊيا به رفاح رستي ذريعي امدادي ٽرڪن جي غزا ۾ داخل ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن اسرائيل غزه تي زميني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. روس ۾ مقرر اسرائيلي سفير چيو آهي ته فيصلو ٿي ويو آهي ته اسرائيل غزه ۾ زميني ڪارروئي ڪندو، پنهنجي مننصوبي تي اڳتي وڌندو. جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي فوج جون تشدد واريون ڪارروايون جاري رکڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ڪاميابي حاصلٿيڻ تائين ويڙهه جاري رهندي. پنهنجي بيان ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته جيترا اسرائيلي حماس يرغمال ڪيا آهن انهن کي واپس ڪرائي اينداسين. ٻئي پاسي اسرائيلي بچاءُ واري وزير يوگيلنٽ چيو آهي ته هماس کي شڪست ٿي وڇي ته اسرائيل غزه جي پٽي جي تحفظ يا ڪنهن به ٻي شيءِ جو ذميوار نه رهندو. فلسطين ۾ هاڻوڪي ترار کان اڳ اسرائيل کي غزه کي ٻارڻ ۽ ٻين ملڪن مان اماڻل امداد جي نگراني ڪندو هو. غزه لاءِ نئون سڪيروٽي پلان جوڙيو ويندو. هن چيو ته پهرين حماس جي ڍانچي کي مڪمل طور تباهه ڪنداسين ان کان پوءِ حماس جي بچيل ٺڪاڻا ختم ڪيا ويندا، ان لاءِ فوجي آپريشن ڪيو ويندو.