غزه(م ڊ) غزه تي اسرائيلي حملن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 106 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 350 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن مان اڪثر جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. صيهوني فورسز طرفان تازا حملا رهائشي علائقن، مارڪيٽن، ريسٽورنٽس ۽ خيمه وسندين تي ڪيا ويا. ٻئي طرف ڏکڻ غزه ۾ القسام برگيڊ طرفان ٻن اسرائيلي يونٽن تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي فوجين جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، هوڏانهن ڏکڻ لبنان تي اسرائيلي حملي ۾ هڪ شهري شهيد ۽ 8 زخمي ٿي پيا، ڌرين ۾ جهڙپون پڻ ٿيون، ان دوران فائرنگ پڻ ڪئي وئي.