غزه(م ڊ) جنگبندي معاهدي جي پهرئين مرحلي جي پڄاڻيءَ تي اسرائيل عزه لاءِ امداد جي رستا روڪ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل غزه م کاڌي پيتي سميت هر قسم جي سامان جي داخلابند ڪري ڇڏي آهي. اسرائيلي وزيراعظمبن نيتن ياهو جي آفيس مان جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنگبندي جي پهرئين مرحلي جي پڄاڻيءَ ۽ حماس جي طرفان بامقصد ڳالهيون جاري رکڻ کان انڪار بعد 2 مارچ کان اسرائيل غزه کي امداد جي سپلائي مڪمل طور روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ جنگبندي جو پهروين مرحلو مڪمل ٿيڻ تي اسرائيل جنگبندي ۾ عارضي واڌ جو اعلان ڪيو هو. واڌ جي اها تجويز آمريڪا ڏني هئي پر هاڻي اسرائيل يوٽرن وٺندي امداد مڪمل طور روڪي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي حماس جنگندي جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. حماس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزه لاءِ امداد جي فراهيم روڪڻ سستي بليڪ ميلنگ آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خطي ۾ استحڪام ۽ قيدين جي واپسي جو اڪيلو رستو معاهدي تي عملدرآمد آهي. اسرائيلي قدم جنگي ڏوهه ۽ معاهدي جي واضح ڀڇڪڙي آهي. ٻئي پاسي اتر غزه ما سرائيلي ڊرون حملي ۾ ڪيترن ئي فلسطينين جي شهيد ٿيڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ مليا آهن.