اسرائيل تي سڀ کان وڏو حملو، اسپتال ۽ فوجي مرڪزن کي نقصان، 221 ماڻهو زخمي، نيتن ياهو پاران خامنه اي کي قتل جي ڌمڪي

0
22
اسرائيل تي سڀ کان وڏو حملو، اسپتال ۽ فوجي مرڪزن کي نقصان، 221 ماڻهو زخمي، نيتن ياهو پاران خامنه اي کي قتل جي ڌمڪي
اسرائيل تي سڀ کان وڏو حملو، اسپتال ۽ فوجي مرڪزن کي نقصان، 221 ماڻهو زخمي، نيتن ياهو پاران خامنه اي کي قتل جي ڌمڪي

تهران/تل ابيب واشنگٽن(م ڊ) ايران هن وقت تائين اسرائيل تي سڀ کان  وڏو حملو ڪري ڏنو، تل ابيب جي سڀ کان وڏي اسپتال ۽ فوجي مرڪزن کي نقصان رسيو، 221 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، جن مان اڪثر جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. اسرائيلي ميڊيا ملڪ ۾ وڏي تباهي جو اعتراف ڪري ورتو، ايران طرفان پهريون ڀيرو “سجيل” ميزائل جو استعمال ڪيو ويو، اسرائيل جو دفائي سسٽم آئرن ڊوم فيل ٿي ويو، اسٽاڪ ايڪسچينج سميت ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون، اسرائيلي ميڊيا موجب، تل ابيب ۽ والاريل بيت المقدس ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، تل ابيب ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ميزائل ڪيريا، اهو ايران طرفان سڀ کان وڏو حملو هو، حملن ۾ شيلٽرز اندر موجود 4 اسرائيلي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي، ايراني ميڊيا موجب اسرائيلي فوجي ڪمانڊ ۽ انٽيليجنس هيڊ ڪوارٽر ۽ انٽيليجنس ڪئمپ کي نشانو بڻايو ويو، ساروڪا اسپتال فوجي مرڪز ويجهو هئڻ سبب جزوي نقصان ٿيو. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وڏن حملن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايران کي حملي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. خامنه اي کي وڌيڪ زندهه رهڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، آمريڪي صدر ايران تي حملي واري منصوبي جي منظوري ڏيڻ بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي اخبار جي تصور ۾ به ناهي ته آئون ايران جي باري ۾ ڇا سوچي رهيو آهيان، اُن کان اڳ آمريڪي خابرو ادارن بلوم برگ ۽ وال اسٽريٽ جي رپورٽ ۾ ٽرمپ پاران ايران تي حملي واري منصوبي جي منظوري ڏيڻ واري دعويٰ ڪئي وئي هئي.

واشنگٽن(م ڊ) ترجمان وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ ٻن هفتن ۾ ايران تي حملي بابت فيصلو ڪندو، ڪيرولين ليوٽ چيو ته ايران سان مستقبل ۾ ڳالهين جي امڪان کي نظر ۾ رکندي ٽرمپ پيغام ڏنو آهي ته هو ٻن هفتن ۾ فيصلو ڪندو ته ان جنگ ۾ شريڪ ٿيڻو آهي يا نه، آمريڪا ان تڪرار جي مختلف رخن کي ڏسي رهيو آهي، ٽرمپ پنهنجي قومي سلامتي ڪائونسل کان ڄاڻ وٺي رهيو آهي. ترجمان موجب صدر ٽرمپ سدائين اهو واضح ڪيو آهي ته سفارتي رستو اختيار ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پر جيڪڏهن ضرورت پئي ته طاقت جي استعمال کان نه ڪيٻائيندو.