اسلام آباد(م ڊ) اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ جاري، ٻن ڏينهن دوران سموري دنيا جون 6 هزار اڏامون ملتوي ڪيون ويون. ايوي ايشن ذريعن موجب ايران اسرائيل جنگ کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ اسرائيل جو تل ابيب ايئرپورٽ متاثر ٿيو آهي جڏهن ته دمشن، بغداد، تهران، بيروت ۽ امان ڪوئين ايئرپورٽ به مسلسل بند آهن. ذريعن موجب ايران، شامل جي شهر بغداد ۽ اسرائيل جون فضائي حدون 2 ڏينهن کان مسلسل بند آهن جڏهن ته اردن لبنان، شام جون فضائي حدن کان مخصوص اڏامون اڳواٽ اجازت سان جزوي طور تي گذري سگهن ٿيون. ذريعن موجب اسرائيل جي تل ابيب ايئرپورٽ تان 44 ملڪن جي لاءِ روزاني 100 ايئرپورٽ جون اڏامون آپريٽ ڪيون وينديون آهن جڏهن ته اردن جي امان ڪوئين عاليه ايئرپورٽ تان روزاني 40 ملڪن جون 81 ايئرپورٽ جون اڏامون هلايون وينديون آهن. شام جي دمش ائيرپورٽ تان 13 ملڪن جون 20 ايئرپورٽس تان سروس ڏني ويندي آهي جڏهن ته عراق جي بغداد ايئرپورٽ تان 18 ملڪن جي لاءِ 32 ايئرپورٽس جون اڏامون اينديون وينديون آهن. ايران جي تهران ايئرپورٽ تان 23 ملڪن جون 51 ايئرپورٽس تي فضائي سروس فراهم ڪئي ويندي آهي جڏهن ته لبنان جي بيروت ايئرپورٽ تان 26 ملڪن جون 49 ايئرپورٽس جي لاءِ اڏامون هلايون وينديون آهن. فلائيٽ ريڊار جي ڊيٽا موجب اهڙن ايئرپورٽس جي هڪ ڏينهن ۾ 3 هزار اڏامون ملتوي ٿي رهيون آهن جڏهن ته وڏي انگ ۾ اڏامون به متاثر ٿيون آهن.