ٻه ڳالهيون ته درست آهن: پهرين اها ته ايران اسرائيل جا 10 جهاز ڪيرائڻ ۽ 3 پائلٽن کي زنده گرفتار ڪرڻ جي دعوا عملي طور (ثبوتن سان) ثابت نه ڪري سگهيو آهي. ٻي ڳالهه اها ته اسرائيلي موقف آهي ته: “اسان ايران جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، هاڻ هو ٻيهر اٿڻ جي قابل نه رهيو آهي”، پر ايرانين حيرتناڪ جوابي وار ڪيا آهن – تل ابيب کان وٺي حيفا تائين خوف جو واسو آهي. اسرائيل ۾ موت جي شرح گهٽ آهي، جنهن جو سبب هي آهي ته ايران خلاف جنگي ڪارروائي جي شروعات ۾ اسرائيلي حڪومت پنهنجن شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ لاءِ چئي ڇڏيو هو. ايران جي ڪاررواين سان اسرائيل کي ڪيترو نقصان پهتو؟ ان حوالي سان ايران جون دعوائون پنهنجي جاءِ تي، پر دنيا “الجزيره” ۽ “فاڪس نيوز” جي رپورٽنگ کي نظرانداز نه پئي ڪري. جنگ آهي، ۽ جنگ جي ميدان ۾ گرما گرميءَ سان گڏ دعوائن جو وکر به وڪامي ٿو.
اسان اهو نٿا چئي سگهون ته ايران يا اسرائيل ٻئي نسورو ڪوڙ پيا ڳالهائين يا ٻئي ‘گامون سچار’ آهن. البتہ، اسرائيل ۾ تازي جنگ جي شروعات سان ئي لاڳو ٿيل خاص سينسرشپ سبب، صرف ان ئي معلومات تي ڀاڙڻو پوندو، جيڪي دستياب هونديون. معلومات جو هڪ ذريعو سوشل ميڊيا جون مختلف سائيٽون به آهن. انهن مان ڪجهه تي سنجيده تجزيا ۽ ٺوس معلومات موجود آهي، پر اڪثر مواد فقط اروڙيءَ تان آيل لڳندو آهي. مثال طور، ڳاڙهي ٽوپي واري احمق پاڪستاني دفاعي ماهر زيد حامد جي اها دعوا ته ايران ۾ مارخورن هڪ متوازي جاسوسي نظام کي پاڙان پٽي ڇڏڻ ۾ سهڪار ڪيو. سندس دعوا صرف ايستائين ئي محدود ناهي، پر هو ته هلڪي ڦلڪي دفاعي مدد جي راڳڻي پڻ الاپي رهيو آهي. ان ئي دوران سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڪلاڪن اندر اردن سان منسوب هڪ جعلي نيوز ويب سائيٽ مشهور ٿي، جنهن دعوا ڪئي ته پاڪستان ڳرو دفاعي سامان ايران پهچائي ڇڏيو آهي. اسان جي ملڪ جا ڪجهه شودا، بغير سوچ ويچار جي، ان جعلي ويب سائيٽ جي خبرن کي اڳتي پيا وڌائين. پاڪستاني ڪمرشل لبرل ۽ ديسي ملحدن جي ڌر ڌڻي ارشد محمود جي حالت ڏسڻ جهڙي آهي. مسلم ليگ (ن) جي ٿنڪ ٽينڪ طور سڃاڻپ رکندڙ هن نفسياتي مريض جو ته وس نه پيو هلي، نه ته اڳتي وڌي نيتن ياهو جا هٿ چمي، ته هن ايران تي حملو ڪري سندس آڪهه ۽ ڪهول تي وڏو احسان ڪيو آهي.
اسانجي راءِ موجب، اصل ڳالهه اها ناهي ته ايران جي مذهبي حڪومت جي حمايت ڪئي وڃي يا نه، اصل مسئلو هي آهي ته ڇا اسرائيلي اڳرائيءَ جي مذمت ٿيڻ گهرجي يا نه؟ ايران جي مذهبي حڪومت برقعو پارائي ٿي، جڏهن ته افغانستان جي مذهبي حڪومت ان کان به ٻه وکون اڳتي وڌي تشدد ڪري ٿي، پر مذهبي حڪومتون جتي به هجن، انهن جو ڪاروبار شدت پسنديءَ تي هلي ٿو، ۽ جيڪڏهن بدقسمتي سان انهن کي اقتدار به ملي وڃي ته پوءِ ان ڪاروبار ۾ جبر جو گرم مصالحو به شامل ٿي ويندو آهي.
پاڪستاني ڪمرشل لبرلز ۽ ڪجهه ٻين ترقي پسند اڪابرن کان ته ايران جي بندش پيل تودہ پارٽي جو اسرائيلي اڳرائيءَ خلاف بيان وڌيڪ جرئتمنداڻو آهي. تودہ پارٽي، ايران جي اها ڪميونسٽ پارٽي آهي، جنهن شاهه ايران خلاف اصل جدوجهد جي شروعات ڪئي هئي. اها جدوجهد ان وقت شروع ٿي، جڏهن ايراني مُلائيت رضا شاهه پهلوي سان “هني مون” واري موسم ۾ هئي. معذرت، تودہ پارٽي جي موضوع کي اتي ئي ڇڏي ڏيون ٿا.
ايراني انقلاب، جيڪو نج مذهبي انقلاب هو، ان ايران کي ڇا ڏنو ۽ ڇا وڃايو، ان تي ڳالهائيندڙ لڳ ڀڳ اڌ صدي کان ڳالهائيندا پيا اچن، پر ايران ۾ ڪهڙو نظام هئڻ گهرجي، اهو فيصلو صرف ايراني عوام کي ئي ڪرڻو آهي. ايران ۾ مذهبي تعصب غالب رهيو ۽ ترقي پسند پٺتي رهجي ويا – اهو ڇو ٿيو، اهو هڪ الڳ ۽ مڪمل موضوع آهي. پياري ڀاءَ محمد عامر حسيني هاڻوڪن ڏينهن ۾ ۽ ان کان اڳ به ان موضوع تي مناسب انداز ۾ لکيو آهي. هن وقت صورتحال اها آهي ته اسرائيل، آمريڪا جي پٺڀرائي سان، ايران تي جنگ مڙهي چڪو آهي. آمريڪي، جيڪي اسرائيلي حملن کان هڪ ڏينهن اڳ چئي رهيا هئا ته “اسين ڳالهين ذريعي ائٽمي مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا”، اهي ماڻهو، خاص ڪري صدر ٽرمپ، اسرائيلي اڳرائيءَ کان پوءِ “ڪفن” ڦاڙي اعلان ڪيو: “ايران هاڻ به ٺاهه ڪري وٺي، نه ته ايندڙ حملا ان کان به سخت هوندا، جيڪي ايراني سلطنت جو وجود ئي ميساري ڇڏيندا.”
ڇا توهان کي نه ٿو لڳي ته صدر ٽرمپ جي هن بيان تلخيءَ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي؟ ٻيو اهو ته عالمي جوهري توانائي ايجنسي جي ايران خلاف قرارداد ۽ اسرائيل جو ايران تي حملو، ٻئي آمريڪي آشيرواد سان ٿيا. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اسرائيل، ايران تي فضائي حملن لاءِ اردن، عراق ۽ شام جي فضائي حدن جو استعمال ڪيو. عراق گذريل ڏينهن آمريڪا کي باضابطه طور ياد ڏياريو آهي ته نار واري جنگ جي پڄاڻيءَ تي ٿيل معاهدي مطابق آمريڪا پابند آهي ته اسرائيل کي عراق جي فضائي حد استعمال ڪرڻ کان روڪي.
هتي اسان اهو سوال اٿارڻ ۾ حقي واجبي آهيون ته ڇا آمريڪا نالي رياست ڪڏهن به ڪنهن معاهدي جي پاسداري ڪئي آهي؟ تازي اسرائيلي اڳرائيءَ دوران اردن ۽ شام جيڪا اسرائيل جي دفاعي مدد ڪئي، اها ڪا غيرمتوقع ڳالهه هرگز نه هئي. اردن ۽ ايران جي لاڳاپن جو بنيادي تڪرار ايران جي فلسطين پاليسي آهي. اردن جو شاهي خاندان ۽ حڪومت فلسطيني ماڻهن لاءِ ڪهڙا جذبا رکن ٿا، ان جو اندازو “بليڪ سيپٽمبر” واري ماضي جي هڪ واردات مان لڳائي سگهجي ٿو. ان وقت اردني فوج هزارين فلسطيني مرد، عورتن ۽ ٻارن کي بي رحمي سان قتل ڪيو. بليڪ سيپٽمبر جي ان آپريشن جا ٻه اهم ڪردار پاڪستان سان تعلق رکن ٿا:
- جنرل ضياءُ الحق، جيڪو پوءِ پاڪستان جو آرمي چيف ٿيو، مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ يارنهن سالن کان به مٿي اقتدار تي قابض رهيو.
- خاقان عباسي، جيڪو اوجهڙي ڪيمپ واري سانحي ۾ فوت ٿي ويو.
بليڪ سيپٽمبر واري واقعي وقت ضياءُ الحق ۽ خاقان عباسي اردن ۾ ملٽري اتاشي طور مقرر هئا.
معاف ڪجو، ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي وئي.
اردن جي شاهي خاندان جو تعلق عرب جي بنو هاشم قبيلي سان آهي. موجوده بادشاهه، شريف مڪه جو پڙپوٽو آهي، جنهن کان اقتدار کسي آل سعود کي ڏنو ويو هو. ان وقت جي انتظامن تحت شام، عراق، ۽ اردن جون حڪومتون نون برطانوي وفادارن حوالي ڪيون ويون. شام ۽ عراق ۾ فوجي بغاوتن بعد ۾ منظرنامو تبديل ڪري ڇڏيو، پر اردن ۾ شريف مڪه جو هاشمي خاندان اڃا تائين اقتدار ۾ آهي. اردن بيت المقدس کي فلسطين بدران پنهنجو حصو قرار ڏئي ٿو. فلسطينين جي تنظيم پي ايل او (جيڪا هاڻ فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس جي صورت ۾ موجود آهي) اردن جي هن دعوا کي مسلسل رد ڪندي رهي آهي. مرحوم ياسر عرفات ته اردن کي اهڙي “ڳِجهه رياست” چوندو هو، جيڪا اسرائيل جيان فلسطين کي چيري پٽي قائم ڪئي وئي آهي.
شام ۾ هن وقت احمد الشرع الجولاني اقتدار ۾ آهي. ترڪيه، اسرائيل، ۽ آمريڪا جي پٺڀرائي ۽ فوجي مدد سان بشار الاسد جي جاءِ تي اقتدار ۾ آيل الجولاني جي والده جي مذهبي پسمنظر بابت بحث هتي اسانجو موضوع نه آهي. تازي اسرائيلي اڳرائيءَ دوران شام، اسرائيل کي هر ممڪن مدد مهيا ڪئي. سڀ کان اهم مدد اها هئي ته ايران تي حملا ڪندڙ 200 اسرائيلي جهازن لاءِ شام مان ري فلنگ جو بندوبست ڪيو ويو. ان لحاظ سان چئي سگهون ٿا ته شام جي نئين اينٽي علوي حڪومت پنهنجي وفاداري جو حق ادا ڪيو – جيتوڻيڪ اهو ان تي واجب به بڻيو ٿي.
بهرحال، اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته آمريڪا پنهنجن اتحادي ملڪن سميت اسرائيل جي پٺڀرائي نه رڳو ڪري رهيو آهي، پر هر ممڪن تعاون به فراهم ڪري رهيو آهي. اسرائيل- ايران جنگ جي آخري نتيجي کي ڄاڻڻ لاءِ اسان سڀني کي هڪ ٻه ڏينهن وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو.