غزه(م ڊ) حماس غزه جنگبندي معاهدي تحت وڌيڪ 6 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ريڊ ڪراس حوالي ڪري ڇڏيو، ان دوران دنيا هڪ حيران ڪندڙ منظر ڏٺو، وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن حماس ٽن اسرائيلي يرغمالين عمر وينڪيرٽ، عمر شيم توو ۽ ايليا ڪوهين ريڊ ڪراس جي حوالي ڪرڻ کان اڳ اسٽيج تي پيش ڪيو انهن هٿ لوڏيا سندن هٿن ۾ آزادي جا سرٽيفڪيٽ هئا، بعد ۾ کين ريڊ ڪراس عملدارن حوالي ڪيو ويو. هڪ يرغمالي عمر شيم توو حماس جي ٻن ڪارڪنن کي مٿي تي چميون ڏنيون، آزاد ماڻيندڙن هٿ ملائي حماس جو شڪريو ادا ڪيو يرغمالي مڪمل صحتمند لڳي رهيا هئا.