غزه(م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي فوج جا فلسطينين مٿان حملن جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوج جي بمباري ۾ معصومن سميت وڌيڪ 30 فلسطيني مارجي ويا، فلسطيني صحت واري وزارت موجب هن وقت تائين ٿيندڙ اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو تعداد 35 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ٻار به مارجي ويلن ۾ شامل آهن.