غزه/تل ابيب(م ڊ) اسرائيلي فوج جمعي کانپوءِ اولهندي ڪناري جي شهر نابلس ۾ ڪيترن ئي مسجدن تي حملا ڪري ڏنا، هڪ تاريخي مسجد کي باهه ڏني وئي. الجزيره موجب اسرائيلي فوج جا دستا تاريخي مسجد النصر ۾ داخل ٿي ويا، مسجد جي بيحرمي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. صيهوني فورسز ڄاڻي واڻي النصر مسجد کي باهه لڳائي جيڪا تاريخي مسجد ٻڌائي پئي وڃي. فارئر برگيڊ کي به باهه وسائڻ کان روڪيو ويو. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته مسجد ۾ لڳندڙ باهه سبب پيش امام جو هجرو به مڪمل تباهه ٿي ويو، جڏهن ته مسجد جا دروازا ڀتيون ۽ قالين سڙي ويا. فلسطيني مذهبي معاملن واري وزارت نابلس جي مسجد تي اسرائيلي فورسز جي حملن ۽ المسجد النصر کي ڄاڻي واڻي باهه ڏيڻ جي شديد مذمت ڪئي.