تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي عورت فوجين جي فلسطيني قيدي سان جنسي لاڳاپن جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کي ڏسندي هاءِ سيڪيورٽي جيلن ۾ مقرر عورت فوجي اهلڪارن تي خدمتون انجام ڏيڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اختيارين اهو فيصلو هڪ عورت فوجي اهلڪار ۽ هڪ فلسطيني قيدي وچ ۾ جنسي لاڳاپن جا الزام سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيو، اسرائيلي ميڊيا موجب هڪ فوجي عورت فلسطيني قيدي سان جنسي لاڳاپن جو اعتراف ڪيو آهي. عورت فوجي ۽ قيدي جو نالو ڳجهو رکيو ويو آهي، جڏهن ته ان واقعي تي عدالت حڪم ڏنو ته جيل واري هنڌ سميت ٻيا تفصيل به سامهون نه آندا وڃن.
گرفتاري کانپوءِ جاچ دوران عورت فوجي اهلڪار دعويٰ ڪئي ته ٻين چئن عورتن جا به ان ئي قيدي سان گهرا لاڳاپا رهيا آهن. اسرائيلي اختيارين اعلان ڪيو آهي ته عورت فوجي اهلڪار انهن جيلن ۾ خدمتون انجام نه ڏينديون، جتي فلسطيني قيد آهن.