اسرائيلي حملو امن لاءِ خطرو: چين پاران ٽياڪڙي جي آڇ، جنگبندي ڪرائي وڃي: عالمي برادري

0
34
اسرائيلي حملو امن لاءِ خطرو: چين پاران ٽياڪڙي جي آڇ، جنگبندي ڪرائي وڃي: عالمي برادري
اسرائيلي حملو امن لاءِ خطرو: چين پاران ٽياڪڙي جي آڇ، جنگبندي ڪرائي وڃي: عالمي برادري

ڪراچي(م ڊ) عالمي ملڪن ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي امن خطري ۾ پئجي ويو آهي، دنيا فوري طور تي جنگبندي ڪرائي، چين ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي. برطانيا، آسٽريليا، فرانس، نيوزيلينڊ سميت ٻين ملڪن پاران اسرائيلي جي ايران تي حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، عراق جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته رڳو مذمت ڪافي نه آهي، فوري طور گڏيل قومن جو اجلاس گهرائي ڇڪتاڻ ختم ڪرائي وڃي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گوتريس جو چوڻ آهي ته خطي کي ڪنهن به مشڪل ۾ ڌڪڻ کان پاسو ڪيو وڃي. يو اي اي  اسرائيلي حملي کي خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو ته فوري طور تي جنگبندي لاءِ موثر ۽ سنجيده قدم کنيا ويا. آسٽريلوي پرڏيهي وزير ڳڻتي جو ظهار ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ته جيئن وچ اوڀر کي وڌيڪ عدم استحڪام کان بچائي سگهجي.  نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽوفر لڪسن به اسرائيلي حملن کي وچ  اوڀر ۾ خطرو قرار ڏيندي چيو ته ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو بهتر رستو آهي. برطانوي وزيراعظم به حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ايران ۽ اسرائيل ٻنهي کي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ گهرجي. جارحيت ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي. روسي پرڏيهي وزارت ردعمل ۾ چيو آهي ته اسرائيلي ڪارروايون گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن، ايراني شهرن ۽ ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو عالمي امن لاءِ خطرو آهي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته اسرائيل جي حملن کي روڪڻ ضروري آهي، نيتن ياهو خطي کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي. ترڪ صدر اهو به چيو ته ايران تي اسرائيل جو حملو واضح اشتعال انگيزي آهي. ، چين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جي ايران تي حملي جي امڪاني نتيجن تي ڳڻتي آهي، ڇڪتاڻ ۾ اوچتو واڌ ڪنهن ڌر جي مفاد ۾ ناهي، ڌريون خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻن، چين ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.