غزه (م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته حماس جي حملن کي فلسطينين کي اجتماعي سزا جو جواز نٿو بڻائي سگھجي آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي انتونيو گوتريس چيو ته 7 آڪٽوبر کان هيل تائين غزه ۾ گڏيل قومن جا101 رضا ڪار مارجي چڪا آهن. غزه تي اسرائيلي بمباري کي فوري روڪيو وڃي. غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جاري آهي ۽ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين طبي عملي جا 192 ڄڻا به شهيد ٿي ويا آهن. صحت جي عالمي اداري موجب طبي عملي جا 16 ڄڻا ڊيوٽي دوران شهيد ٿيا. ان کانسواءِ گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي جا 101 ڄڻا، فلسطيني شهري دفاع جا 18 اهلڪار به حياتيون وڃائي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هيل تائين 44 فلسطيني صحافي به شهيد ٿي چڪا آهن.