سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا اسرائيل پاران جنگبنديءَ جو معاهدو ٽوڙڻ ۽ فلسطينين تي وحشياڻي بمباري ڪرڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو .سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ عثمان خواجا لکيو ته هڪ ڏينهن ۾ 130 کان وڌيڪ ٻار شهيد ڪيا ويا ۽ بنا ڪنهن سبب جي جنگبندي معاهدو ٽوڙيو ويو. هن سوال اُٿاريندي چيو ته ” ٿورو سوچيو جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ٻئي پاسي کان ٿئي ها ڪهڙو ردعمل اچي ها؟ “هن وڌيڪ لکيو ته هي فلسطين جا ٻار رڳو تاريخ ۾ انگ بڻجي ويندا. ياد رهي ته اسرائيل گذريل ڏينهن جنگبنديءَ جو معاهدو ٽوڙي سحريءَ جي وقت بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 400 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا هئا.