نيويارڪ (م ڊ) آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز جي ايوارڊ مليل پوئٽري ايڊيٽر اين بوئير غزه ۾ اسرائيلي ظلمن تي احتجاج طور پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اين بوئير پنهنجي استعيفا ۾ لکيو آهي ته آمريڪي حمايت ۾ غزه تي اسرائيلي جنگ ڪنهن لاءِ جنگ ناهي، اسرائيلي جنگ ۾ يا ان سان اسرائيل، آمريڪا يا يورپ سميت ڪنھن جو تحفظ ناهي، انهن ڪيترن ئي يهودين لاءِ به تحفظ ناهي جيڪي انهن جي نالي تي وڙهڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيا آهن.