غزه (م ڊ) اسرائيلي بمباري ۾ مارجي ويل جوڙي جي معصوم نياڻي اسپتال ۾ ماءُ پيءُ کي ڳوليندي رهي. معصوم نينگريءَ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هوءَ روئي روئي پنهنجي ماءُ پيءَ کي پڪاري رهي آهي.