غزه (م ڊ) اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ والاريل فلسطين جي علائقي غزه جي ناليواري مصنفه، شاعرا ۽ ناول نگار حبا ابوندا به شهيد ٿي وئي. غزا ۾ اسرائيل جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ 266 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن کانپوءِ شهيدن جو مجموعي انگ 4 هزار 651 ٿي ويو آهي. غزه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شهيد فلسطينين ۾ 117 ٻار شامل آهن، جڏهن ته اسرائيلي حملن سان غزه ۾ 14 هزار 245 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن. 20 آڪٽوبر تي اسرائيلي بمباري ۾ غزه جي مشهور مصنفه، شاعرا ۽ ناول نگار حبا ابوبندا به شهيد ٿي وئي. 32 ورهين جي حبا ابوندا ”آڪسيجن از ناٽ فار دا ڊيڊ“ نالي ناول لکيو هو. هن شهادت کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي لکيو هو ته جيڪڏهن اسان مري وڃون ته ڄاڻي ڇڏيو اسان ثابت قدم ۽ سچا آهيون.