ڪراچي/ ملير ( نمائندن وٽان ) جي يو آءِ جو 12 ڏينهن وارو سنڌ امن مارچ ڪالهه ڪراچي پھتو ـ ان موقعي تي طوفان اقصيٰ ۽ سنڌ امن مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اڄوڪي مارچ ذريعي دنيا کي پيغام ڏنو آهي ته اسانکي پرامن پاڪستان گھرجي، اسين پوري دنيا ۾ امن چاھيون ٿا، دنيا ۾ جيڪو به آزادي جي جنگ وڙھندو، اسين انھي سان گڏ آھيون اسرائيل رياستي دھشتگرد آھي، اسان هميشه فلسطينين جي آواز تي لبيڪ چيو آهي
هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سميت ڪنهن جي جاگير ناھي، اڄ عام اليڪشن جو اعلان ٿي چڪو آھي، ھاڻي تون ( عمران خان ) به ميدان ۾ ۽ اسين به ميدان ۾ آھيون، تو اڳ ۾ پاڪستان جا وسيلا استعمال ڪندي جميعت جو رستو روڪيو پر ھاڻي اليڪشن ۾ توکي ٻڌائينداسين ته تون ڪيئن ووٽ چوري ڪرين ٿو؟
هن چيو ته فلسطيني اڄ اسرائيل خلاف جنگ وڙھن پيا پر اسان 2018 ۾ اسرائيلي ايجنٽ سان جنگ ڪئي، جيڪو ھو جيل ۾ آھي، ھاڻي معذرت خواھ واري سياست نه پر آمھون سامھون مقابلو ٿيندو، جميعت علماء اسلام اقتدار لاءِ تنهنجي آڏو گوڏا نه کوڙيندي، اسين آمريڪا کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته تنهنجي مرضي سان اقتدار ۾ نه اينداسين، تنهنجي خلاف جدوجهد جاري رھندي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ عوام جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته الله ڪري اليڪشن وقت تي ٿئي، اسانکي سمورا چيلينجز قبول آھن ،اسان اليڪشن ۾ مقابلو ڪنداسين
حماس جي اڳواڻ فلسطين واسي ڊاڪٽر ناجي ظھير عربي ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسين جنگ جي ميدان ۾ آھيون، حق جي جنگ وڙھون پيا، هن چيو ته اسرائيل جي جنگ فلسطين نه پر اسلام سان آھي، مسلمانن کي ھن وقت متحد ٿيڻ جي ضرورت آھي، هن چيو ته حماس کي دھشتگرد چوندڙن تي لعنت وجھان ٿو، اسان جي مدد لاءِ ڪير به نه آيو، تڏهن به رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھنداسين پر اسرائيل جي ناجائز وجود کي قبول نه ڪنداسين
ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته اڄ فلسطين جا معصوم ٻار بيت المقدس جي حفاظت ڪن پيا، هن چيو ته پنهنجا پنهنجا اختلاف پاسيرا رکي فلسطين جي مسئلي تي گڏ ٿيو، مولانا فضل الرحمان سڀني کي گڏ ڪري، هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي نٿو ملي، جانور ۽ ماڻهو ساڳيو پاڻي پيئن ٿا. جيڪڏهن بيت المقدس تي جھنڊو لھرائڻو آھي ته پھرين اسانکي پنهنجو گھر ٺيڪ ڪرڻو پوندو آھي، پاڻ ظلم جو نظام سھنداسين ته ٻين لاءِ ڇا وڙھنداسين؟
جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ تباھ آھي، اسپتالن ۾ بخار جي گوري نٿي ملي. جي يوآءِ جي ريلي سنڌ ۾ شعور ۽ طاقت پيدا ڪئي آھي، اسان 15 سالن کان هلندڙ سڙيل نظام کي سمنڊ ۾ اڇلائينداسين، جي يوآءِ سنڌ جي سربراهه مولانا راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ ۾ 15 سالن جي لڳاتار حڪمراني باوجود پيپلزپارٽي بک، بيروزگاري ۽ بدامني ختم ڪري ناهي سگهي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مسڪين عوام خودڪشين تي مجبور آهي، عوام کي گهرجي ته اهي ايندڙ اليڪشن ۾ جي يو آءِ جي چونڊ ڪن