پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته اسد قيصر کي چار سده پوليس صوابي مان گرفتار ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ اينٽي ڪرپشن عدالت جي جج بابر علي خان اسد قيصر جي ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت کيس 80 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. اسد قيصر کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب مٿس گجر خان ميڊيڪل ڪاليج لاءِ سامان جي خريداري ۾ گھوٻين جو الزام آهي.