اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي گرفتاري کان پوءِ اسد عمر کي به سائفر ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ذريعن مطابق پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر کي سائفر ڪيس ۾ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ۽ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اسد عمر جي گرفتاري جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هوڏانهن شاهه محمود قريشي کي اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ۾ شاهه محمود قريشي جي شيرين مزاري سان به ملاقات ٿي، جوڊيشل ميجسٽريٽ احتشام عالم جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پاران ان ڪيمرا ٻڌڻي جي استدعا ڪئي وئي جنهن بعد غيرلاڳاپيل ماڻهن کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو، ايف آءِ اي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت رد ڪندي شاهه محمود کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، شاهه محمود قريشي کي گذريل ڏينهن ايف آءِ اي سائفر گمشدگي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ عمران خان به شامل آهي.