اسد شفيق وڏو بيٽر ڇو نه بڻجي سگهيو ؟ … سرمد

0
24
اسد شفيق وڏو بيٽر ڇو نه بڻجي سگهيو ؟ ... سرمد

  2010ع ۾ لارڊز ٽيسٽ واقعي( اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل)  کانپوءِ پاڪستان ٽيسٽ ٽيم ۾ نه رڳو بهتري آئي پر نوان رانديگر مسلسل تسلسل سان پرفارم ڪرڻ لڳا خاص طور مصباح الحق ۽ يونس خان جهڙين پهاڙن جي موجودگيءَ ۾ اظهر عليءَ ۽ اسد شفيق پاڻ ملهايو.

                         ھي اھا ٽيم ھئي جنهن کي پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ تمام گهٽ ساراھيو ويو، ان ٽيم کي سدائين ڪمزور، ڊنل قرار ڏنو ويو، پر اھو رڳو عام شوقينن جو موقف ھيو. اھي عظيم رانديگرن جيڪي وسيم ۽ وقار خلاف کيڏيا، جن کي پنهنجي سرزمين تي عمران ھٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو تن مصباح جي ٽيم کي دنيا جي مضبوط ٽيم قرار ڏنو .

                         ڊگهي عرصي تائين ان ٽيم جو حصو رھندڙ اسد شفيق اڄ کان 14 ورھيه اڳ ابوظهبي ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو، اسد شفيق 77 ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستاني ٽيم جي نمائندگي ڪئي، پر ايتريون ٽيسٽ ميچون کيڏڻ باوجود ھو پاڻ کي سٺڙي بيٽر مان وڏو بيٽر بڻائڻ ۾ ناڪام رھيو، ھتي وڏي بيٽر مان مراد اھڙو بيٽر جيڪو پنهنجي ٽيم کي ميچون کٽرائي ۽ شڪست بدران ميچ بچائي اھو ئي وڏو بيٽر ھوندو آھي.

مثال طور جاويد ميانداد جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٺاھيل ڪل رنسن جو انگ اٺ ھزار ٻٽيهه آھي، ميانداد سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر جي لسٽ ۾ 17 ھين نمبر تي آھي پر ان باوجود کيس وڏو بيٽر مڃيو ويندو آھي ڇو ته ھو ميچ کٽرائڻ جي ڪنجي به ھو ۽ کيس ميچ بچائڻ به ايندي ھئي، انضمام، محمد يوسف، يونس خان ۽ مصباح الحق به اھڙين خوبين سان مالامال ھئا ۽ ھو مخالف ٽيمن کان ميچ کٽڻ ۽ شڪست کان بچڻ جو فن ڄاڻندا هئا.

اسد شفيق 77 مان 54 ميچون مصباح جي ڪپتانيءَ ۾ کيڏيون، جنهن ۾ ھن 12  مان 10 سينچريون مصباح جي قيادت ۾ اسڪور ڪيون، اسد شفيق پاڪستان لاءِ چار ھزار کان مٿي رنسون اسڪور ڪيون، سندس ڳاڻيٽو پاڪستان جي ٽيڪنيڪلي مضبوط پليئرن ۾ ٿيندو ھو پر انهن سمورين صلاحيتن ھئڻ باوجود به ھو پاڻ کي ورلڊ ڪلاس بيٽر طور مڃرائي نه سگهيو.

اسد شفيق  12 مان 6 سينچريون 26 ٽيسٽ ميچن ۾ ٺاھيون، اھي سموريون ميچون پاڪستان ھارائيون، انهن ڇهن سينچرين مان ٻه سينچريون اھڙيون آھن جنهن ذريعي ھو شڪست کي فتح ۾ بدلائي پئي سگهيو پر ھو ائين ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو.

يونس خان ۽ مصباح الحق ڊگهي عرصي تائين پاڪستاني ٽيم جي بيٽنگ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو، ٻنهي جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ  پاڪستاني ٽيم پاڻ سنڀالي نه سگهي.

اسد شفيق گهڻي ڀاڱي ڇهين نمبر تي بيٽنگ ڪئي ۽ ڪاميابيون ماڻيون پر يونس خان جي رٽائرمينٽ بعد کيس ون ڊائون پوزيشن تي بيٽنگ جو موقعو مليو ۽ ٽئين نمبر تي بيٽنگ سندس لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي وئي.

اڪٽر ائين ٿيندو آھي ته جوڙي ڀلي ميچ ونر نه ھجي پر ھڪ سٺو بالر يا ھڪ بهترين بيٽر ٽيم جي سُڃاڻپ بڻجي ويندو آھي، ھڪ مرلي ڌرن ورلڊ ڪپ کٽرائي سگهي ٿو، ھڪ ڪيون پيٽرسن سيريز کٽرائي سگهي ٿو پر مصباح ۽ يونس کانپوءِ پاڪستان ٽيسٽ ٽيم ٻنهي جي کوٽ جو پورائو نه ڪري سگهي، اسد شفيق ۽ اظهر علي به اميدن تي پورو نه لٿا .

مصباح ۽ يونس جي رٽائرمينٽ بعد اسد شفيق جو فارم به ھوريان ھوريان بگڙڻ لڳو ۽ نيٺ ھو ھميشه ھميشه لاءِ ٽيم مان آئوٽ ٿي ويو…(فيس بوڪ تان ورتل)