حيدرآباد(بيورو رپورٽ)  سنڌ جي تعليمي ماھرن، اديبن، ليکڪن، صحافين، موسيقارن، راڳين، مصورن ۽  سماج سڌارڪن کي ڍول فقير فائونڊيشن ۽ امرتا پبليڪيشن طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو.  ڪالھ امريتا پنجويھين سلور جوبلي ايوارڊ تقريب سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب م سوين ماڻھن سنڌو درياهه تي ڇھن نون ڪينال اڏڻ  کي غير قانوني قرار ڏيندي پنڊال ۾  اٿي بيھي احتجاج رڪارڊ ڪرايو  ويو. ان موقعي تي نامياري صحافي اسحاق مڱريو جي نالي واري ڪرسي آخر تائين خالي رھي. ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي براڊ ڪاسٽر  محمود مغل چيو ته محبتن جي عالمي ڏهاڙي تي اسان امرتا پاران پنھنجي پيارن کي سندس محنت ۽ پورھيو محبت جي موٽ ۾ محبتون ايوارڊ جي صورت ۾ ارپي رھيا آھيون.ان موقعي تي ناليواري صحافي ڊاڪيومينٽري پيشڪار اسحاق مڱريو ، زرعي ماھر ۽ محقق محمد  مٺل جسڪاڻي ،ماھر تعليم  ۽ ليکڪ تنوير جوڻيجو ،شرناءِ نواز استاد عبدالله خان، کڙي نيم ڪي نيچي جھڙي شاھڪار دن ۽  فلمي موسيقار عبدالستار ، شاعر سيد مرتضي ڏاڏاھي، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائي  جو پهريون موسيقار استاد نيار حسين ، راڳي ذوالفقار علي۽ مظھر حسين، مترجم ۽ شاعر بخشل باغيءَ، محمد عثمان مگي. شاعر آسي زميني، مصور ۽ ڦوٽو گرافر اياز عالم ابڙو، سوز ھالائي، راڳي غفور گل، براڊ ڪاسٽر ذوالفقار ھيسباڻي، براڊ ڪاسٽر سيد بشارت علي شاھ، براڊ ڪاسٽر نور محمد خاصخيلي، پبليشر آپا نذير ناز، ليکڪ براڊ ڪاسٽر سيد شگفته شاھ، شاعر محمد امين اُڏيرائي ليکڪ پروانو ڀٽي، ڊاڪٽر پرڌان روپچند، علي مرتضيٰ ڌاريجو، فلم جرنلسٽ سيد فدا حسين شاھ ، صحافي محمد يعقوب سومرو، صحافي تاج ميمڻ، ڪھاڻيڪار علي اڪبر سومرو، ڪھاڻيڪار سليم چنا، ليکڪ ڊاڪٽر نذير احمد چارڻ، فلم ھدايت ڪار ۽ صداڪار حيات علي شاھ بخاري کي ايوارڊن سان نوازيو ويو. جڏهن ته  ستار نواز عابد حسين، فلمي شاعر شھزادو گلفام ( غلام محمد ميمڻ ، ريڊيو ناٽڪ ۽ ڊراما نويس نور گھلو ۽ ھاڻيڪار شوڪت علي شوق، فلمي موسيقار ستار حسين، ڪھاڻيڪار شبانه سنڌي، مترجم ارشاد احمد شيخ عرف آدرش، ڊراما نويس ڊاڪٽر اعجاز سمون، ليکڪ ڊاڪٽر قاضي خادم، ايڊيٽر مرتضيٰ سيال ، شاعر علي دوست عاجز، شاعر  عزيز گوپانگ، شاعر گل ڪونڌر، محفل موسيقي ۾ ناليوارن راڳين ذوالفقار علي ۽ مظھر حسين کي پڻ لائيف ٽائيم ايوارڊ سان نوازيو ويو.  پروگرام جي آخر محفل موسيقي پڻ ٿي.