اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽيءَ کي باز (عقاب) چونڊ نشان الاٽ ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ استحڪام پاڪستان پارٽيءَ جي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ واري دراخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ڊپٽي دائريڪٽر لا صائمه جنجوعه ٻڌائيندي چونڊ نشان باز الاٽ ڪري ڇڏيو آهي. واضع رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آل پاڪستان مسلم ليگ جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو ۽ ان جي چونڊ نشان متعلق چيو هو ته ڪا به سياسي پارٽي عقاب نشان حاصل ڪري سگهي ٿي.