اسلام آباد (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي ( آءِ پ پي ) فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ واري سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قومي سلامتي ۽ قومي مفادن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو. آءِ پي پي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪ دشمن عنصرن ۽ پرڏيهي ايجنڊائن ڪم ڪندڙ خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيوته ماضي ۾ اهڙو قانون هئڻ سبب پرڏيهي ايجنٽن خلاف مضبوط فيصلا نه ٿي سگهيا.